رانديون

ايشز سيريز تڪرار ۾ برطانيا ۽ آسٽريليا جا وزيراعظم ٽپي پيا

انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٻي ٽيسٽ دوران انگلش بيٽر جوني بيريسٽو جي تڪراي آئوٽ ٿيڻ واري معاملي ۾ هاڻ ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن، جڏهن تھ پارليامينٽ ۾ بھ ان جي گونج ٻڌڻ ۾ آئي آهي. ميڊيا مطابق برطانيا جي وزيراعظم رشي سونڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي تھ مان پنهنجي ڪپتان بين اسٽوڪس سان متفق آهيان، ڇاڪاڻ تھ جوني بيريسٽو جو آئوٽ ڪرڪيٽ اسپرٽ جي خلاف آهي. هوڏانهن اهڙي موقعي تي آسٽريليا جو وزيراعظم انٿوني ايل بارنيز بھ پويان نھ هٽيو ۽ بيان جاري ڪندي چيو تھ مون ايشز سيريز ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پنهنجي مينز ۽ ويمنز ٽيم تي فخر آهي، سڄو آسٽريليا ڪمنز، ايلڪس ڪيري سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button