
ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ جوني بيريسٽو جي تڪراري آئوٽ ڏيڻ واري واقعي بعد ردعمل اچڻ يا شوقينن جي احتجاج جي خدشي کي سامهون رکي يارڪ شائر هيڊنگلي اسٽيڊيم ۾ ٽين ٽيسٽ دوران سڪيورٽي کي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ ان حوالي سان هڪ خانگي سيڪيورٽي جي ڪمپني جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن.