پاڪستان جي قومي ٽيم جو اڳوڻو هيڊ ڪوچ ۽ سليڪشن ڪاميٽي جو اڳوڻو چيئرمين مصباح الحق پي سي بي ۾ واپس اچيچ ويو آهي، جنهن کي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق مصباح الحق اعزازي بنيادن تي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، جيڪو بنا پگهار وٺڻ جي ڪرڪيٽ ڪاميٽي ۾ ڪم ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي تھ مقباح الحق نئين سليڪشن ڪاميٽي جوڙڻ جو اختيار پڻ هوندو، جڏهن تھ هو اهم مامرن ۾ مشورا پڻ ڏيندو. ذريعن موجب مصباح الحق آئي سي سي ۾ ذڪا اشرف جي نمائندگي ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close