
پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بالنگ ڪوچ وقار يونس پي سي بي ۾ اهم ذميواريون ملڻ وارين خبرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي ٽرافي جي مهورت واري تقريب ۾ وقار يونس جي شرڪت بعد کيس عهدو ڏيڻ جون ڳالهيون هليون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي تھ وقار يونس ذاتي مصروفيتن سبب ذميواري نھ کڻندو.