ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته جمهوريت هڪ وبائي بيماري آهي، جيڪا اولهه کان آئي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي لڳي جيڪي بادشاهت کان بيٺڪي نظام جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿا ۽ انهي مان آزاد ٿياسين ته انهن کي جمهوريت جا سنهرا خواب ڏيکاريا ۽ انهن خوابن جا قيدي ٿيا. 20هين صدي گذري وئي، 21هين صدي جا 21 سال گذري ويا آهن، هن وقت به ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ “جمهوريت بحال ڪريو” ۽ “اسان کي آمراڻي حڪومت نه گهرجي” جا نعرا لڳي رهيا آهن. اسان وٽ به ٻڌو آهي ته عوام جو ساهه سڪي ويو آهي، اشرافيه آرام ۾ آهي. آمريڪا جون پراڻيون اتحادي ان جماعتون ۽ آمريڪا جا ڪجهه ڪاوڙيل دوست اڄ انقلاب آڻڻ ۽ آخري ساهه تائين آمريڪي سامراج ۽ ان جي تابعدار بالادست طبقن سان آزادي جي جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن. مطلب سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، ڪجهه خاص ڪونهي.
اها تلخ حقيقت آهي ته اسان 47ع ۾ روشني ۽ خوشي جي ڳولا جو سفر شروع ڪيو هو، پر آهستي آهستي اونداهه ۽ خوف جو غلبو وڌندو ويو. اڄ اسين هڪ اهڙي اونداهه ۽ بند گهٽي ۾ پهچي ويا آهيون، جتان کان نڪرڻ لا اسان کي رستو نٿو ملي. غربت، جهالت، بيروزگاري، انتهاپسندي، دهشتگردي جا چمڙا اسان تي صبح شام حملو ڪن ٿا. اسان جو رت چوسين ٿا ۽ اسين انهن چمڙن کان بچڻ بدران هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهيو ويٺا آهيون ۽ ان کي پنهنجي بهادري سمجهون ٿا.
اسين هن وقت جن انڌيرن ۾ ڀٽڪون پيا، تڏهن اهي ماڻهو ياد اچن ٿا، جن پنهنجي پنهنجي سماج جي اونداهي ۾ عقل جا ڏيئا ٻاريا ۽ انهن تي کين داد ملڻ بدران سزائون ڏنيون ويون. انهن مان ئي هڪ گليليو هو. هن هڪ اهڙي زماني ۾ جڏهن اهو عقيدو حاوي هو،”ته دنيا چپٽي آهي ۽ سج ان جي چوڌاري ڦري ٿو.” اهو اعلان ڪيو ته زمين گول آهي ۽ اها پنهنجي محور تي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي ۽ سندس انهي ڳالهه تي هن کي سزا ملي. هو اڄ کان 446 سال اڳ ڄائو هو ۽ اڄ کان 368 سال اڳ گذاري ويو. پنهنجي دور جو ماهر طبيعات، رياضي جو استاد، فلسفي ۽ موجد هڪ اهڙو سائنسدان جنهن جون ايجادون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب جو سبب بڻيون. اڄ گيليلو جي ياد خاص طور ان ڪري آئي آهي، 1984ع ۾ اسان جي هڪ دانشور ۽ اديب منصور سعيد جرمن ٻولي جي مشهور اديب برٽالٽ بريخت جي ڊرامي “گيليلو” جو ترجمو ڪيو هو ۽ پو انهي کي ڪراچي ۾ اسٽيج تي پيش ڪيو ويو. اهو ڪتاب منهنجي سامهون آهي. اهو جنرل ضيا الحق جي حڪمراني جو ڪارو دور هو، جنهن ۾ ساهه کڻڻ ۽ آزادي سان پنهنجو نقطه نظر بيان ڪرڻ تي پابندي هئي. اهڙي زماني ۾ ان ڊرامي جو ترجمو ۽ پو اسٽيج تي ان جي پيشڪش ڪنهن بغاوت کان گهٽ ڪانه هئي. ان ڊرامي جي ايتري پذيرائي ٿي، جنهن جو مثال گهٽ ملي ٿو. منصور سعيد اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو ۽ ڪڏهوڪو هن جهان مان موڪلائي ويو آهي. هن جو اردو ترجمو يا ڊرامو جيڪو هن جي ڪاغذن ۾ دٻيل هو، ان کي سندس گهرواري ۽ ڌي ثانيه سعيد ڳولهي ڪڍيو. قومي ٻولي جي بااختيار اداري ان کي شايع ڪيو. ان جي ڇپائي جي حوالي سان ان ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ اسلم اظهر، منصور سعيد ۽ سندس ٺاهيل ٿيٽر گروپ “دستڪ” جو ذڪر ڪندي لکيو آهي.
“اسان پنهنجن ڊرامن ۾ اسلوب جي اظهار لا مختلف استعارن ۽ علامتن مان مدد ورتي، انهن استعارن ۽ علامتن جي خوبي اها هئي ته حڪمران ان کي نام نهاد دانشورن جي حوالي ڳالهيون سمجهن ٿيون ۽ انهن کي ڪابه اهميت ڏيڻ لا تيار ناهي. ان جي ابتڙ شاگرد، ڪارڪن، صحافي، اديب ۽ عام ماڻهن انهن استعارن مان مزو ورتو ۽ پنهنجي ردعمل جو اظهار به ڪيو. 20هين صدي ۾ استعاري ۽ علامت نگاري جي نمائنده عظيم اديبن مان هڪ برٽالٽ بريخت به هو. سندس شاهڪار ڊرامو “گيليلو” جي زندگي استعاري ۽ علامت نگاري جو هڪ اعليٰ مثال آهي. ان ڊرامي کي عوام بمقابلا اسٽيبلشمينٽ جي بنيادي نظريي جي حوالي سان لکيو ويو هو ۽ اسان جو مقصد پورو ڪرڻ لا ان کان وڌيڪ ڪو موزون فن پارو نٿو ٿي سگهي.”
گيليلو کي بريخت ان وقت لکيو، جڏهن نازي جرمني ۾ فاشزم پنهنجي عروج تي هو. ان وقت کان هيستائين هي ڊرامو دنيا جي ڪئين اهڙن ملڪن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جتي فوج ۽ ڪليسا طرفان خيال تي پهرا آهن ۽ سينسرشپ جون ڪڙيون پابنديون آهن. پاڪستان ۾ هي ڊرامو 80ع جي ڏهاڪي ۾ پيش ڪيو ويو ۽ هر ڀيري ڏسندڙ ان مان متاثر ٿيا. 2010ع ۾ ان کي فارسي ٻولي ۾ ايران ۾ پيش ڪيو ويو ۽ اتان جي گهٽيل ماحول ۾ انهي ڊرامي کي وڏو داد مليو. ايران ۾ پيش ڪيل، ان ڊرامي ۾ احمد شاملو جي شاعري به شامل ڪئي وئي. جنهن ايراني ناظرين کي روئڻ تي مجبور ڪيو. ايرانين شاهه جي ظلم ۽ بربريت جو دور ڏٺو. جنهن نئين دور جو ستم سٺو آهي ۽ سهن پيا، ان کي نظر ۾ رکندي بريخت جي انهي ڊرامي کي اسٽيج ڪرڻ جو فيصلو گهڻو ڏکيو هو ۽ اتان جي سياسي حالتن سان ٺهڪندڙ به. اڄ کان 10 سال اڳ ۾ منصور سعيد جي ترجمي ڪيل ڊرامي جا ڪجهه حصا اسٽيج تي پيش ڪيا ويا، جن تي ماڻهن سندس ڌي ۽ ملڪ جي ناليواري اداڪارا ثانيه سعيد جي صداڪاري ۽ اداڪاري جون جهلڪيون ڏٺيون. بريخت ان ڊرامي ۾ ٻه جملا لکيا آهن. پهريون جملو اينڊريا جو آهي، جيڪو ڪليسا جي آڏو گيليلو جي معذرت جي صدمي ۾ ورتل آهي. هو ڄاڻي ٿو ته اها معذرت اصل ۾ سچ جو قتل آهي. اينڊريا رڙ ڪري چوي ٿو، “بدنصيب آهي، اها سرزمين جتي هيرو جنم نه ٿا وٺن.” سندس زهر ۾ ٻڏل اهو جملو ٻڌي شڪست کاڌل گيليلو چوي ٿو، “نه اينڊريا بدنصيب آهي، اها سرزمين جنهن کي هيرو جي ضرورت هجي.”
گيليلو جو اهو جملو هر ان سرزمين لا سچو آهي، جتي عقل ۽ ڏاهپ جو سفر بيٺل آهي، جتي ماڻهو هيرو جي ڳولها ۾ ڦرن ٿا. اسين به هڪ اهڙي سرزمين تي رهون ٿا، جتي صبح شام هيرو جي ڳولها ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو ڳولهڻ سان به نٿو ملي. گيليلو پنهنجي مفلس ۽ بدحال ماڻهن لا هڪ خواب ڏٺو هو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان همڪنار ٿيڻ واري هڪ اهڙي سماج جو خواب جتي:
موچي ڪا ڪام ٿا جوتي بنانا
پر اب خود اس ڪي پائون مين هين جوتي
بدلي ڪسان جب بدلا زمانا
اب فصل ڀي اپني ليي هين بوتي
جو دود مالڪون ڪو ٿا پلانا
اب اپني بچون ڪو هين ديتي
اور حد تو يي هي تعمير راج مزدور ني ڪيا جو گهر
ڪمخبت ني خود قبضا ڪر ليا اس پر
اور ڪونه بننا چاهي گا
خود اپنا مالڪ اور آقا
دنيا ۽ انسان لکين سالن جو اڙانگو سفر طئي ڪيو آهي، جيستائين سماج ۽ سماج جو تعلق آهي ته ان کي وجود ۾ آئي ڪجهه هزار سال ئي ٿيا آهن. ٻني ٻاري جي شروعات ٿي ته انسان وسنديون آباد ڪيون. سماج وڏي سست رفتاري سان اڳيان وڌندو رهيو. سوين سالن کان پو ئي ڪا تبديلي ۽ ايجاد سامهون آئي هئي، پر اڄ کان ڪجهه سئو سال اڳ سماج ڪر موڙيو پيداواري طور طريقا بدليا، نيون ايجادون ٿيون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تيز رفتاري سان ايجاد ٿيڻ لڳي ۽ 20هين صدي تائين سڄي دنيا جو نقشو ئي بدلجي ويو. هر سماج جي مجبوري ٿي وئي ته ان کي تبديل ڪرڻو آهي ته پنهنجي اندر بنيادي نوعيت جي تبديلي آڻي. جن ملڪن اهو ڪم ڪري ورتو، اهي اڳيان نڪري ويا ۽ جيڪي ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، اهي 21هين صدي ۾ به پسماندگي جي ڌٻڻ مان نڪري نه سگهيا. اسان جو ڳاڻيٽو به انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو.
ان سچ کي وسارڻ نه گهرجي ته جيڪي قومون پاڻ ڪجهه ڪرڻ ۽ اڳيان وڌڻ کان ڊڄن ٿيون، اهي هيرو جي ڳولها ۾ رهن ٿيون. هيرو تي ڀاڙڻ هڪ خطرناڪ جوا آهي، ڇو ته هيرو ئي آخر ۾ ولن ثابت ٿين ٿا، جيئن ته اڄڪلهه اسين ڪئين ملڪن ۾ ڏسون پيا. واقعي بدنصيب آهي اها سرزمين جنهن کي هيرو جي ضرورت هجي. ڇا اسين هڪ اهڙي سرزمين تي رهون پيا؟