ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪارونجهر جي ڪٽائي وارو معاملو

Editorial

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ اخبارن ۾ هڪ اشتهار ڇپايو ويو. جنهن کان پوءِ سڄي سنڌ مان ان خلاف ڀرپور ردعمل سامهون آيو، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ حڪومت وضاحتون ڏنيون پر سنڌ حڪومت پاران اهو اشتهار ملتوي ڪيو ويو آهي. پر سنڌ حڪومت اڃا تائين به ان خيال آهي ته ڪارونجهر مان گرينائيٽ پٿر ڪڍيو ويندو ۽ ان جي سونهن متاثر نه ٿيندي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اتان پٿر ڪٽيو وڃي ۽ ان جي سونهن متاثر نه ٿئي. جڏهن ته ڪارونجهر رڳو پٿر جو جبل ڪونهي پر اهو هڪ پورو ايڪو سسٽم آهي، جتي جانور، پکي، جيت جيڻا آهن ۽ ان کان سواءِ پاڻيءَ جا وهڪرا پڻ آهن. جن جي ڪري ان جي سونهن اڃا به وڌي ويندي آهي. ماضي ۾ به ڪارونجهر مان گرينائيٽ ڪڍڻ تي سنڌ جي ماڻهن بنهه گهڻو ردعمل ڏنو آهي پر تنهن هوندي به سنڌ حڪومت ان مان پٿر ڪڍڻ تي زور ڀريندي رهندي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت کان عوام اهو مطالبو ڪندو رهيو آهي ته ان کي قومي ورثو قرار ڏئي ان جي حفاظت ڪئي وڃي، اتي سياحت جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن سڄي ملڪ توڙي دنيا مان ماڻهو هتي اچي سهڻو جبل گهمي سگهن.
ان معاملي تي سنڌ جون سياسي ۽ سماجي ڌريون هڪ نظر اچي رهيون آهن. تازو هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪارونجهر کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لا ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري مائنز اينڊ منرلز ڊولپمينٽ ڊپارٽمنٽ، سيڪريٽري ڪلچرل اينڊ ٽوئرزم، سيڪريٽري فاريسٽ اينڊ وائلڊ لائيف، ڊائريڪٽر جنرل مائنز اينڊ منرلز سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين آگسٽ تي طلب ڪري ورتو. ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪارونجهر رڻ ڪڇ جي جهنگلي پناهه گاهه آهي، جنهن ڪري ڪارونجهر جي ڪٽائي هميشه لا بند ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪير به ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري ته ان خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ڪارونجهر هڪ پڪنڪ پوائنٽ آهي ۽ تاريخي ورثو آهي، جنهن کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت کان اسين پڇڻ ٿا چاهيون ته ڇا سنڌ جي ترقي ڪنهن به تاريخي ۽ سياحتي ماڳ کي متاثر ڪري ان جي وڍ ٽڪ ڪري ئي ٿي سگهي ٿي يا ان جو ڪو ٻيو حل به آهي. سنڌ حڪومت اهو سمجهڻ لاءِ تيار ڇو ڪونهي ته ڪارونجهر مان پٿر ڪڍي ايتري ڪمائي نٿي ٿي سگهي، جيترو ان کي قائم رکي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪارونجهر هڪ بهترين سياحتي ماڳ ٿئي ٿو ۽ اتي سموريون سهولتون ماڻهن کي فراهم ڪيون وڃن ته پوءِ ڪارونجهر ڪمائيءَ جو بهترين ذريعو ٿي سگهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪي ترقي رڳو ڪارونجهر ۾ موجود گرينائيٽ جي ڪٽائيءَ سان لڳاپيل ڪونهي پر جهڙي ريت سنڌ جي ٻين تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪئي وڃي ٿي، اتي سياحت وسيلي پئسو ڪمايو وڃي ٿو، اهڙي ريت هتي به ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري سنڌ جي تاريخي ماڳن سان هٿ چراند ڪري، انهن جون شڪليون بگاڙڻ کان بهتر آهي ته انهن جو تحفظ ڪيو وڃي. سڄي دنيا جو ڌيان انهن ڏانهن ڇڪائي سنڌ کي معاشي طور فائدو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button