سنڌ

ڊي آءِ جي حيدرآباد سميت 9 ضلعن ۾ سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ ڪري ڇڏي

ڊي آ جي پوليس حيدرآباد رينج پير محمد شاهه اڄ عاشوري جي ڏينهن تي حيدرآباد سميت 9 ضلعن ۾ سيڪيورٽي ها الرٽ ڪري ڇڏي، عاشوري جي مناسبت سان نڪرندڙ 525 جلوسن، 272 مجلسن ۽ 113 تعزين جي حفاظت لا پوليس جا 18 هزار 965 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ به پوليس سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، بم اسڪواڊ سان کڏ کوجي ڪتا به شامل هوندا. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي جي اڳواڻي ۾ 10 محرم الحرام تي حيدرآباد ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ يوم عاشور جي مرڪزي جلوس ۽ ٻين ننڍن وڏن ماتمي جلوسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ 5 هزار اضافي اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. ا اڄ 10 محرم الحرام تي مرڪزي ماتمي جلوسن سميت 200 ننڍا وڏا جلوس ڪڍيا ويندا. جلوسن جي اهم هنڌن تي سيڪيورٽي لاءِ ايليٽ فورس جا ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن. مرڪزي ماتمي جلوس سان گڏ 1400 اهلڪار ۽ جوان ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، 1500 آفيسرن ۽ جوانن کي ٻين ننڍن ۽ وڏن ماتمي جلوسن تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مرڪزي جلوس جي داخلي رستن تي 7 مختلف هنڌن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن، جتي عملي کي ميٽل ڊٽيڪٽرز سان گڏ مقرر ڪيو ويندو، مرڪزي جلوسن جي نگراني لاءِ مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. 10 محرم الحرام تي امن امان برقرار رکڻ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ حيدرآباد ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن سميت اهم هنڌن ۽ شاهراهن تي پڪٽ قائم ڪيون ويون آهن، جن تي 650 اهلڪار ۽ جوان مقرر ڪيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button