سنڌ

حيدرآباد ۾ استادن جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي ويٽنگ وارن اميدوارن کي جلد ڀرتي ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ بند پيل اسڪولن بابت خبرون ھلڻ بعد سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري تعليم کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پھتو، گڏجاڻي ۾ ڊائريڪٽر پرائمري احمد الدين ميراڻي، ڊي اي او حيدرآباد عزيز الرحمان ڏھوٽ، چئني تعلقن جي ميل ۽ فيميل ٽي اي اوز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب تعليم کاتي جي سيڪريٽري بند پيل پرائمري اسڪولن بابت لاڳاپيل عملدارن کان ڄاڻ ورتي ۽ سخت پڇاڻو پڻ ڪيو، اڪبر لغاري استادن جي ڀرتي واري معاملي تي ڳالھائيندي واضح ڪيو تھ جيڪي بھ سيٽون خالي ٿينديون وڃن انھن تي آ بي اي ٽيسٽ پاس انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي جلد آفر آرڊر جاري ڪري مقرر ڪيو وڃي، ڪا بھ سيٽ خالي نھ ڇڏي وڃي، سيٽون لڪائڻ جون شڪايتون نھ اچڻ گھرجن. ذريعن موجب تعليم کاتي جي عملدارن سيڪريٽري کي تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي ۾ بند پيل اسڪولن مان پھرين آگسٽ تائين 18 اسڪول کولرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن تي سيڪريٽري باقي بند پيل اسڪول بھ جلد کولرائڻ جون ھدايتون ڏنيون. واضح رھي تھ حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي ۾ 40 جي لڳ ڀڳ پرائمري اسڪول بند ھجڻ، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، آ بي اي ٽيسٽ پاس 40 کان 44 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري نھ ڪرڻ ۽ سيٽون لڪائڻ واري معاملي تي اميدوار احتجاج بھ ڪندا رھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button