سنڌ

حيدرآباد ۾ نائين محرم الحرام تي سوين ماتمي جلوس، تعزيا ۽ جهولا برآمد

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ هر سال جيان دستور موجب ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ 9 محرم الحرام تي ذوالجناح، تعزين، علم پاڪ، سيجن، جهولن ۽ دُلدل جا ڪيترائي ماتمي پڙ برآمد ٿيا. جيڪي مقرر رستن کان ٿيندا نھر ٿي ويا. الهداد چنڊ ڳوٺ مان امام علي شاهه جو پڙ، لجپت روڊ تان امام علي شاهه جو پڙ، مهر علي شاهه جو پِڙ، مڪراني پاڙو گل شاهه بخاري روڊ پڃرا پل مان ماتمي پڙ، کاهي روڊ تان نهال شاهه جو پڙ. ولايت علي شاهه جو پڙ، خير شاهه جو پڙ، جمال شاهه جي پڙ تان سيج، ٽنڊو ولي محمد مان شيدين جو پڙ ۽ دُلدل، ٽنڊو ولي محمد مان بڙدين جو پڙ، ٽنڊي ٺوڙهي مان مرزا عابد حسين جو پڙ، ٽنڊي آغا مان مرزا غلام رسول جو پڙ، ٽنڊي ولي محمد مان ڪامل شاهه جو پِڙ، دادن شاهه ڪالوني مان ڀُورو فقير مرڙاڻيءَ جو پِڙ، امام بارگاهه جاگيرِ علي اڪبر عه ٽنڊو غفور شاهه جهانيان قاسم آباد مان تابوت وارو پِڙ، ڳوٺ محمد خان باگراڻي ديهه شاهه بخاري لڳ ڄامشورو مان انجمن نگاههِ حُسين عه جو مرڪزي قافلو، نيو سبزي منڊي هالا ناڪي وٽان پهلوان شاهه جو پِڙ، نارٿ عامل ڪالوني مان محمد بخش حاجاڻي جو پِڙ، شيدي پاڙي ڪاري موري مان مولا بخش حاجاڻي جو پِڙ، ابو بلاول قمبراڻيءَ جو پِڙ، ڳوٺ امام بخش جتوئي هالا ناڪي وٽان امام بارگاهه الحسيني وارو پِڙ، ڳوٺ شير محمد گوپانگ هالا ناڪي وٽان امام بارگاهه حيدري وارو پِڙ، ڳوٺ نور خان چانگ هالا ناڪي وٽان امام بارگاهه الحسيني وارو پِڙ، انڙ مهراڻي ڳوٺ حالي روڊ تان مرحوم حفيظ احمد انڙ جو پڙ، ڀٽي ڳوٺ ريلوي ڦاٽڪ وٽان ڪڇين جو پڙ، درگاهه ڇٽن شاهه بخاري تان امير شاهه بخاريءَ جو پڙ، ٽنڊو مير غلام حسين لطيف آباد نمبر 9 مان پيرن جو پڙ، سيدن جو پڙ، سيد ولي محمد شاهه المعروف گلزار علي شاهه جو پڙ ۽ جهولو، حسين آباد مان قنبر علي شاهه جو پڙ، زوار نواب جو پڙ ۽ حبيب شاهه جو پڙ برآمد ٿيا. جڏهن ته عزا خانا زينبيا بلديا ڪالوني مان سيج برآمد ٿي جيڪا اُتي ئي نهر ٿي ۽ ٽنڊو مير نور محمد لطيف آباد نمبر 4 جي سمورن پڙن تان سيجون برآمد ٿيون، جيڪي آچر پالاريءَ جي پڙ تي اچي نهر ٿيون، درگاهه سخي پير جي سامهون ميمڻ پاڙي ۾ زنجير زنيءَ وارو ماتم پڻ ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button