سنڌ

عاشوري تي ڀٽ شاهه به سوڳ ۾ ورتل، 72 ڏيئا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڀٽ شاھه ۾ درگاھه حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي تي محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. درگاھه جي قائم مقام سجاده نشين خاور حسين شاهه لطيفي جي اڳواڻي ۾ گنج شهدا تي 72 ڏيئا ٻاري دعا گهري وئي. خاور حسين شاهه لطيفي جو چوڻ آهي ته 72 ڏيئا ڪربلا ۾ 72 شهيدن جي ياد تازي ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف ڀٽ شاهھ ۾ هر پاسي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ يا حسين جون صدائون گونجي رهيون آهن، مختلف امام بارگاهن تان نائين محرم جي رات تعزيا، جهولا، ذوالجناح، سيج ۽ گهوٽ قاسم جي ميندي به برآمد ڪئي وئي، انجمن غلامان اهلبيت ۽ انجمن شيعان حيدر ڪرار خندق ڪميٽي طرفان ماتمي جلوس برآمد ڪري عزاداري ڪئي وئي، مومنن پاران سينا زني، نوحا خواني ۽ زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو، مختلف هنڌن تي نياز ۽ سبيل جو اهتمام به ڪيو ويو، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري پوليس سان گڏ رينجرز ۽ اسڪائوٽس جا جوان به مقرر ڪيا ويا، مختلف امام بارگاهن تان نڪتل ماتمي جلوس صبح ساجهر درگاھه ڀٽائي تي پهچي نهر ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button