زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

علي پور لڳ ڪارو گونگڙو سم نالي کي 50 فوٽ گھارو، سوين ايڪڙ ساريالو فصل ٻڏي ويو

بلڙي شاھه ڪريم تعلقي جي حدن مان نڪرندڙ ڪارو گونگڙو سم نالي کي علي پور ڀرسان ڳوٺ چوڌري عبدالرشيد وٽان 50 فوٽ کان ويڪرو گھارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل ٻڏي ويو ۽ آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي. ڪارو گونگڙو سم نالي کي پيل گھارو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند نه ٿي سگھيو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته آبپاشي ڊرينيج ڊويزن جا عملدار انجنيئر، ايس ڊي او، سب انجنيئر توڻي داروغن، بيلدارن سميت عملي مان سم نالي جو گھارو بند ڪرائڻ لا اٺن ڪلاڪن تائين به ڪير نه پهتو هو، جنهن سبب علائقي واسي سخت خوف ۾ ورتل آھن. مليل ڄاڻ موجب اڃا به ڪارو گونگڙو جي ڪيترين ئي آر ڊيز جا ڪپر ۽ پاسا ڪمزور آھن، برسات جي پاڻي جي دٻا سبب گھارا پئجي سگھن ٿا، ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن ڊرينيج عملي خلاف جاچ جو مطالبو ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button