زراعت ۽ ڪاروبار

ايشيا جي امير ترين عورت يونگ هويان سال اندر اڌ دولت کان محروم

ايشيا جي امير ترين عورتن ۾ جڳهه ٺاهيندڙ چيني عورت يانگ هويان سان قسمت وڏو دوکو ڪري ورتو آهي ۽ اها رڳو هڪ سال اندر پنهنجي اڌ دولت کان محروم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق چين جي پراپرٽي جائنٽ ڪنٽري گارڊن ۾ وڏو حصو رکندڙ يانگ هويان جي ملڪيت ۾ رڳو هڪ سال دوران 52 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ هاڻ سندس دولت 23 ڏهائي 7 ارب ڊالر مان گهٽجي 11 ڏهائي 3 ارب ڊالرن تي وڃي پهتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، يانگ هويان کي وڏو ڌڪ سندس ڪمپني جي قميت واري حصي ۾ گذريل ڏينهن 15 سيڪڙو گهٽتائي اچڻ تي پڻ لڳو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button