زراعت ۽ ڪاروبار

افغانستان مان گهرايل ٽماٽو ڪراچي پهچي ويو، اگهن ۾ لاٿ

افغانستان مان درآمد ڪيل ٽماٽو ڪراچي جي بازارن ۾ ريڙهن تي پهچي ويو، جنهن بعد اگهن ۾ لاٿ آئي آهي، ٽماٽا في ڪلو 150 کان 160 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا. واضح رهي ته لڳاتار برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ اندر زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيو آهي، سنڌ سميت سڀني صوبن ۾ پٽاٽي، بصر ۽ ٽماٽي جو فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويو، جنهن سبب ٽماٽا 500 رپيا ۽ بصر 300 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا. حڪومت طرفان پرڏيهه مان ٽماٽو ۽ بصر گهرائڻ واري فيصلي بعد ڪراچي جي بازارن ۾ افغاني ٽماٽو اچي ويو آهي، جيڪي 150 کان 160 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. مقامي واپارين موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽماٽو وڌيڪ سستو ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button