حيدرآباد ۾ کير جو اگهه 220 رپيا مقرر ڪرڻ وارو فيصلو پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو، کير رٽيلر اگهه تي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن حاجي عبدالرحمان ناگوري، ڊاڪٽر ڪليم انور ۽ محمد ناصر خان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 15 جولائي کان کير جو اگهه 220 رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي خاطري بعد اسان اهو فيصلو 5 ڏينهن لا ملتوي ڪيو آهي، جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر مسئلو حل نه ڪيو ته ان کانپو کير جو في ڪلو اگهه 220 رپيا پاڻمرادو مقرر ڪري ڇڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close