ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيپلز پارٽي جو عوامي سفر

Editorial-Article- Pasha Qazi

پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آهي، جنهن جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو. اڄ پ پ پ جو 54 هون يوم تاسيس آهي، پارٽي جو يوم تاسيس ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ملهايو پيو وڃي، ان جو وڏو سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽي آمريتن سان مزاحمت ڪئي آهي. ضيا شاهي خلاف ويڙهه ڪئي ۽ پرويز مشرف جي آمريت خلاف ويڙهه ڪندي رهي.
پيپلز پارٽي جو بنياد هڪ عوامي پارٽي طور سامهون آيو هو، جنهن جي ڪري نه رڳو ان کي ڀرپور عوامي موٽ ملي پر اها عوام جي دلين ۾ لهي وئي. پيپلز پارٽي کي جيڪي به حڪومتي مدا مليا آهن، انهن ۾ ان گهڻي ڀاڱي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو اهو سياسي اڳواڻ هو، جنهن عوام جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ هن عوام کي زبان ڏني. جنهن کان پو عوام جي محبت پيپلز پارٽي لا اڃا به وڌي وئي. اهڙي ريت پيپلز پارٽي سان عوام جو رشتو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم آهي. ان دوران نه رڳو پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جيل جون سختيون سٺيون، ان هوندي به اهي پيپلز پارٽي کان پنهنجو پاڻ کي ڌار نه ڪري سگهيا آهن.
ان سان گڏ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ قانون جي بالادستي لا به پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون شهادتون شامل آهن. انهن شهادتن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جون شهادتون سرفهرست آهن. ملڪ ۾ جڏهن به غير جمهوري قوتن اقتدار ۾ اچي جمهوري حڪومتن جا تختا اونڌا ڪيا آهن، تڏهن سڀ کان اول پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ميدان ۾ لٿي آهي ۽ مزاحمت ڪرڻ سان گڏ سڄي ملڪ ۾ عوامي جدوجهد ذريعي غير جمهوري قوتن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت خاطر پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين مقتل گاهه سجائي رکيو آهي. مشرف دور ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل جي خوف کان بي پرواهه ٿي پنهنجي وطن وري نه صرف عوام جي وچ ۾ اچي عوامي سياست ڪئي، پر ڪارساز سانحي باوجود ٻئي ڏينهن تي ئي شهيد ڪارڪنن جي گهرن تي وڃي سندن وارثن کي آٿت ڏني. پاڻ ڳالهه ڪريون پيا پارٽي جي يوم تاسيس جي، ان ڪري هڪ ڳالهه هتي اها به ڪندو هلان ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 30 نومبر 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهڻ کانپو پارٽي منشور ۾ عوام جي ڀلائي جا ڪيترائي اهم نقطا شامل ڪري عوام جي بهتري لا ڪيترائي ڪم ڪيا. ان ڪري ئي هي جملو ماڻهن ۾ مشهور ٿيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو “بجلي جي ٿنڀي کي به ٽڪيٽ ڏي ته اهو ٿنڀو به پنهنجي مخالف کي شڪست ڏئي ڇڏيندو”.
عوامي مسئلا پارٽي منشور ۾ شامل ڪرڻ سببب ئي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي عوام ۾ وڏي مقبول پارٽي بڻجي وئي ۽ ان ئي بنياد تي پ پ 71ع واري اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. شهيد ڀٽو اقتدار سنڀاليندي ئي عوامي ڪم ڪيا، سندس ئي دور ۾ پاڪستانين کي سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ روزگار مليو. ڀٽي پنهنجي دور ۾ وڏين صنعتن، بئنڪن، تعليمي ادارن ۽ قومي مالياتي ادارن کي قومي تحويل ۾ ورتو، ڀٽي جي اهڙي عمل جا وڏا سرمائيدار ۽ جاگيردار مخالف هئا، پر عوام جي وڏي اڪثريت ڀٽي سان گڏ هئي. ڀٽي جي ڪارنامن ۾ هڪ ڪارنامو هي به شامل آهي ته هن ملڪ کي پهريون اسلامي آئين ڏنو، جنهن جي سمورين پارٽين حمايت ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پهرين اسلامي ڪانفرنس لاهور ۾ ڪوٺائي، ان ڪانفرنس کانپو پاڪستان جا اسلامي ملڪن سان وڏي پئماني تي سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيا ۽ ملڪ جي ترقي ۾ تيزي اچي وئي. سندس شهادت کانپو بينظير ڀٽو پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ پارٽي کي سازشن واري حالتن ۾ منظم ۽ متحد ڪري ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي کي چئني صوبن جي زنجير ٺاهي ۽ اقتدار جي ڪرسي تائين پهچي عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. پارٽي ۾ شامل ڪجهه اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ باوجود بينظير ڀٽو پارٽي کي منظم رکيو ۽ عوام جي خدمت ڪئي، ان خدمت جي ڪري ئي شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي ٻِه ڀيرا وزيراعظم بڻجي وئي. پرويز مشرف دور ۾ ججن جي نظربندي، ڪراچي ۾ رتوڇاڻ، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ڪراچي آمد دوران ٿيل قتل عام ۽ ٻين مسئلن تي پ پ جدوجهد جي ميدان ۾ سرگرم رهي ۽ عوام جي خدمت جي جذبي سان ڪردار ادا ڪندي رهي. پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ، ختم ڪرڻ ۽ هڪ صوبي تائين محدود ڪرڻ لا ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون، پر شهيد ڀٽو جي نياڻي پنهنجي ڏاهپ ذريعي سمورين سازشن کي ناڪام بڻايو ۽ پارٽي کي عوام ۾ زندهه رکيو، ان ڪري اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن ۽ ملڪ جي چئني صوبن ۾ پ پ مضبوط آهي.
بينظير ڀٽو جي سياسي ڏاهپ سبب پاڪستان پيپلز پارٽي کي هر اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ملندا رهيا، پر سدائين ڌانڌلي ذريعي پ پ کي هارايو ويو. ان باوجود پ پ پنهنجي عوامي جدوجهد تان هٿ نه کنيو ۽ ملڪ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي خدمت جاري رکي. پاڪستان ۾ ڀٽو خاندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي عوام لا وڏو سهارو آهن، ان ڪري ئي ڀٽو خاندان کي مختلف وقتن تي نشانو بڻايو ويو ۽ سنڌ جي عوام کي ڀٽو خاندان جي لاشن جا تحفا ڏئي پيغام ڏنا ويا ته هاڻ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو واري پارٽي نه رهي آهي. پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپو بينظير ڀٽو پارٽي سنڀالي، سندس شهادت کانپو آصف علي زرداري پارٽي جا معاملا هٿ ۾ کنيا ۽ ملڪ جي عوام شهيد راڻي جي شهادت جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏي پئماني تي ڪامياب ڪري اقتدار ڏياريو.
آصف زرداري ملڪ جو صدر ٿيندي ئي ڪيترائي عوامي ڪم ڪيا، جن ۾ 58 ٽو بي وارو اختيار واپس ڪرڻ به شامل آهي. آصف زرداري پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ بينظير ڀٽو جي سياسي رنگ مان فائدو وٺندي حڪومت جا پنج سال پورا ڪيا ۽ اليڪشن ڪرائي جمهوري طريقي سان اقتدار چونڊيل سرڪار حوالي ڪيو. ان عرصي دوران شهيد بينظير ڀٽو جو موڀي پٽ بلاول ڀٽو زرداري به پارٽي معاملا ڏسندو رهيو ۽ پنهنجي والد کان سياسي گر سکي پارٽي جو چيئرمين ٿي ويو. اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ نوجوان قيادت ۾ ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان سڄي ملڪ جا دورا ڪري پنهنجي شهيد ناني ۽ ما جيان عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ئي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ٺهي، جنهن جي پليٽ فارم تان مخالف ڌر جون تنظيمون عمران سرڪار خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. اڄ به ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت لا پاڪستان پيپلز پارٽي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ سمورين پارٽين کي ساڻ ڪري قانون، آئين ۽ عوام جي حڪمراني لا سڄي ملڪ ۾ جدوجهد ڪري رهي آهي. ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجا 54 سال مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ انهن 54 سالن ۾ پارٽي ڪيترائي لاها چاڙها به ڏٺا آهن، انهن لاهن چاڙهن باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي زندگي بهتر ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. هن وقت تائين پ پ پ پنهنجي هر حڪومتي دور ۾ لکين ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهن. هر شهر ۾ ميگا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. انصاف، تعليم، صحت ۽ ٻين مسئلن جي حل لا به پ پ پ جون زبردست ڪوششون رهيون آهن. وفاق ۾ پ پ جي حڪومت نه هجڻ باوجود غريب عورتن کي پ پ دور ۾ شروع ڪيل انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم ملي رهي آهي. پ پ سنڌ سرڪار ذريعي لکين نوجوانن کي روزگار سان لڳائي چڪي آهي، اهڙي ريت بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ ما جي مشن کي اڳتي کڻي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي.
اهي پارٽيون جيڪي عوام جي ٻل تي هلنديون آهن ۽ عوامي را جو احترام ڪنديون آهن، سي ڪڏهن به ختم نٿيون ٿي سگهن. ڀلي انهن کي ختم ڪرڻ ڪرڻ لا ڪيترائي غيرجمهوري ۽ آمريتي طريقا استعمال ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button