رانديون

پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان آساني سان شڪست ڏئي فتح جا بنياد رکي ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق چٽاگانگ ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي پاڪستاني اوپنر عابد علي 91 ۽ عبداللھ شفيق 73 رنسون ٺاهي ڪاميابي جا بنياد رکي ڇڏيا، جنهن بعد اظهر علي 24 ۽ ڪپتان بابراعظم 13 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ اسڪور 203 تي پهچائي ٽيسٽ کي پنهنجي نالي ڪري ورتو. اهڙي ريت پاڪستاني بيٽر آخري ڏينهن تي 93 رنسن جو هدف آساني سان مڪمل ڪري ٽيم کي فتح ڏياري ٽيسٽ ۾ رينڪنگ بهتر بڻائي ورتي آهي. بنگلاديش جي بالرن تيجل اسلام ۽ مهدي حسن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ بنگلاديش پهرين اننگ ۾ 330 ۽ ٻي ۾ 157 اسڪور ڪيو، پاڪستان پهرين اننگ ۾ 286 ۽ ٻي ۾ 203 رنسون ٺاهي فتح ماڻي. هوڏانهن پهرين ٽيسٽ ۾ شاندار اننگس کيڏندڙ عابد علي جو چوڻ آهي تھ اسان جي آڏو آئي سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ اهم آهي، ان ۾ بهتر ٿيڻ چاهيون ٿا. پي سي بي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ هو تھ ٽرننگ پچ تي 200 رنسن جو هدف شاندار نموني پورو ڪيو ويو، جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button