ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڳورهاري عورت جي صحت ۽ اسان جا رويا

Editorial-Article- Maria Abbasi

سنڌ جي ٻهراڙين وارين ڪچهرين ۾ اها ڳالهه عام طور مذاق ۾ ڪئي ويندي آهي ته فلاڻي عورت کي جڏهن ويم جا سور ٿيا ته هو ٻني ۾ لابارو ڪرڻ وئي هئي. اها ڳالهه لڳ ڀڳ سڀني ڳوٺن جي ڪچهرين ۾ ائين ڪئي ويندي آهي ڄڻ ته اها ڪا سنجيده ڳالهه نه هجي. انهن ڳالهين مان ڳوٺ جي ڪنهن نه ڪنهن ٻار جي جنم ڏينهن جي ڄاڻ ورتي ويندي آهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه فقط ٻار جي پيدائش واري تاريخ يا ڏينهن کان وڌيڪ عورتن جي صحت جي حوالي سان تمام گهڻي اهم آهي. عورتن خاص ڪري ڳورهارين عورتن بابت هاڻي ته شهرن ۾ اهو سٺو رواج هلي پيو آهي ته هر مهيني انهن جو طبي ماهرن کان يا عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرايو وڃي ٿو پر اسان جي ڳوٺن ۾ رهندڙ تمام وڏي آبادي اڃان به پنهنجي عورتن خاص ڪري ڳورهارين عورتن جي صحت بابت گهڻو فڪرمند ناهي.
هاڻي جڏهن سڄي دنيا ۾ ڳورهاري عورت جي صحت بابت خاص هدايتون اچي ويون آهن ۽ انهن عورتن جي کاڌ خوراڪ کان ويندي، انهن جي آرام جا وقت مقرر ٿي رهيا آهن. تڏهن اسان کي پنهنجي ٻهراڙين ۾ ٻار ڄڻيندڙ عورتن ڏانهن ضرور ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪهڙين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيون آهن. جيئن ته منهنجو پسمنظر ڳوٺاڻو آهي، تنهنڪري آئون توهان کي پنهنجي اکين ڏٺي ڳالهه ٻڌايان ٿي ته ڳوٺن ۾ عورت جڏهن پيٽ سان يا حمل سان ٿيندي آهي ته هن کان ڇهن ستن مهينن تائين عام گهرو ڪم ڪار پڻ ورتا ويندا آهن. انهن ڳورهارين عورتن کي گهرو ڪم ڪار وارين ذميوارين کان آجو نه ڪيو ويندو آهي. اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏٺو آهي ته اهي ويچاريون حمل سبب الٽيون به ڪنديون رهنديون آهن ته پنهنجي مڙس جي آيل مهمانن جون مانيون به پچائينديون رهنديون آهن. اها ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته ٻهراڙين ۾ گئس جي سهولت به ميسر نه هوندي آهي، تنهنڪري اهي ڳورهاريون عورتون ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي ڦوڪون ڏئي باهه دکائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مانيون پچائينديون رهنديون آهن.
انهن ڳوٺن ۾ ڳورهاري عورتن سان وڏي ويڌن اها به هوندي آهي ته انهن کي پهريان ڄاول ٻار پڻ اڃان تائين ننڍا يا ٿڃ پياڪ هوندا آهن. تنهنڪري اهي کيس هر وقت چنبڙيل يا جهولي ۾ هوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ اهي پنهنجي گهر جو ٻيو ڪم ڪار پڻ ڪنديون رهنديون آهن. انهن ڳوٺن ۾ ٿانو، ٻهاري يا پوچي ڪرڻ لا ڪي به ماسيون رکيل نه هونديون آهن، تنهنڪري اهي حمل سان هوندي به پنهنجي گهر جي ڪشادي اڱڻ جي روزانو ٻه ڀيرا ٻهاري ڪڍنديون آهن. توهان فقط تصور ڪريو ته جيئن ماهر ڊاڪٽر حمل سان ٿيندڙ عورتن کي مشورو ڏينديون آهن ته هيٺ نه جهڪو گهڻو زور بار وارو ڪم نه ڪريو، هلڪي ڦلڪي واڪ ڪريو. انهن ماهر ڊاڪٽرياڻين جا اهي مشورا ٻهراڙين ۾ ڪير به ٻڌڻ وارو يا انهن تي عمل ڪرڻ وارو ناهي.
انهن گهرو ڪمن ڪارين مان واندو ٿيڻ کانپو اهي حمل سان يا ڳورهاريون عورتون گهرن ٻاهران ٻنين مان رات جي ماني لا تازيون ڀاڄيون پٽڻ پاڻ وينديون آهن. انهن مان موسم يا مند آهر اهي ڪڏهن گوار يا واڱڻ ته ڪڏهن پلي پٽڻ وينديون آهن. اهڙي ريت محنت مشقت وارو ڏينهن گذارڻ کانپو رات جو جيڪڏهن مڙس ٿڪاوٽ جي دانهن ڪئي ته اها ساڳي عورت کيس زور ڏيڻ يا مالش ڪرڻ جو فرض پڻ پورو ڪندي آهي.
ٻهراڙي جي عورتن جي ويم دوران يا حمل سان هوندي، جڏهن اهڙي حالت ٿئي ٿي ته اهي نه فقط پاڻ ڪمزور ٿين ٿيون پر انهن جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار مٿان پڻ خوراڪ جي ڪمي جا اثر پون ٿا. سنڌ حڪومت پاران مختلف ادارن سان گڏجي اهڙين حالتن ۾ رهندڙ ڳورهارين عورتن جي خوراڪ جي ڪمي پوري ڪرڻ جا مختلف منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. جن منجهان هڪ اهڙي منصوبي تي پڻ عمل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ ڳورهارين عورتن کي کائڻ لا مڇي يا کير پيئڻ لا ٻڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. جيڪا هڪ سٺي ۽ مثبت شروعات آهي. اهڙن منصوبن سان يقينن ڳوٺن جي انهن عورتن جي صحت تي هاڪاري اثر پوندا جيڪي ڳورهاريون هوندي به خوراڪ جي ڪمي جو شڪار آهن. پر توهان کي مان دلچسپ ڳالهه اها به ٻڌايان ته اسان جي ٻهراڙين ۾ موجود سماجي اڻ برابري سبب خوراڪ جا اهي موقعا پڻ عورتن بدران ٻين هٿن ۾ هليا وڃن ٿا. مثال طور اوچتو مرد جا مهمان اچي ويا ته ڳورهاري عورت لا مخصوص ڪيل ٻڪري جو کير انهن جي چانهن لا استعمال ڪيو ويندو آهي. اها توهان اسان لا کڻي تعجب جهڙي ڳالهه ڀلي هجي پر جنهن ماحول ۾ اهي ڳورهاريون عورتون رهن ٿيون، ان ماحول ۾ اها ڳالهه عام آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي معيوب نٿو سمجهيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڳورهارين عورتن لا الڳ سان ڪا ڀاڄي نه پچائي ويندي آهي. انهن لا آيل مخصوص مڇي سمورا گهر ڀاتي گڏجي کائيندا آهن، جنهنڪري ان ڳورهاري عورت کي اها مڪمل خوراڪ نه ملي سگهندي آهي. جيڪا حمل جي انهن مهينن دوران سندس ضرورت آهي. توهان کي اهو ٻڌي حيرانگي ٿيندي ته حمل جي انهن سمورن مهينن دوران ڳوٺاڻي عورت کي مشڪل سان ميووا يا جوس ملندا آهن جيڪي سندس خواڪ جو اهم حصو سمجهيا وڃن ٿا.
هاڻي جڏهن زمانو بدلجي رهيو آهي ته اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن کي پڻ حمل سان يا ڳورهارين عورتن ڏانهن پنهنجي روش تبديل ڪرڻي پوندي. ڳوٺ جي ڳورهارين عورتن کي پڻ مڪمل خوراڪ جو ايترو ئي حق آهي جيترو شهر جي عورتن کي آهي. تنهنڪري ڳوٺن جي ڳورهارين عورتن جي خوراڪ ڏانهن خاص ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن اهي پاڻ به صحتمند رهن ۽ صحتمند ٻار پيدا ڪري سگهن. ڇو ته اها چوڻي هاڻ عام ٿي چڪي آهي ته ماءُ صحتمند ته ٻار صحتمند.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button