ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شھيد ناظم جوکيو ڪيس ۽ ماحولياتي تباھيءَ جو دور

Editorial-Article-Ahmed Khyam

شھيد ناظم جوکيي جو ڪيس انساني تاريخ جي انھن ڪجھه ڳڻپ ۾ اچي سگهندڙ واقعن جھڙو ڪيس آھي، جيڪي ڏسڻ ۾ روايتي نظر ايندا آھن پر انھن جي اندر، ھزارين سالن جي جبر تي ٻڌل نظام خلاف مزاحمت جا جيوگهرڙا ھوندا آھن، جيڪي جيئن ئي ٻاھر نڪرندا آھن ته پاڻمرادو متحرڪ ٿي ويندا آھن ۽ تمام وڏن نظامن کي ڌوڏي وجهندا آھن. اڄ جڏھن ايڪويھين صدي پنھنجي پھرين چوٿاڙ کي پورو ڪرڻ واري آھي، ته اتي طرحين طرحين سوال جنم وٺي رھيا آھن. اھي سوال سياسي ته آھن ئي آھن ڇو ته دنيا جو ڪوبه معاملو مڪمل طور تي غير سياسي ھجي، اھو ممڪن ڪونھي، پر ان سان گڏ اھي سڀ سوال، معاشي، ثقافتي ۽ ماحولياتي پڻ آھن. پر ھن دور ۾ جنھن سوال کي سڀ کان وڌيڪ اوليت حاصل آھي، اھو ماحولياتي تباھيءَ جو سوال آھي، جنھن تي سموري دنيا جي سوچڻ سمجھڻ وارن ماڻھن جو رايو ورھايل ناھي، سواءِ انھن عالمي درجي جي سرمائيدارن جي، جن جو دين ايمان ئي پيسو آھي ۽ ھو واقعي به مارڪس واري اھا ڳالهھ ثابت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناھين ڇڏيندا ته سرمائيدار کي مارڻ لاءِ ڦاھي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته آخري منافعو ڪمائڻ لاءِ رسا ٺاھي به مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندو. بلڪل ائين، اڄ جڏھن دنيا تباھيءَ جي ڪناري تي وڃي پھتي آھي ته ان جو سڄو سھرو سرمائيدارن جي سر وڃي ٿو. جيڪي اسان سڀني کي ماحولياتي تباھيءَ جي نالي ۾ اجتماعي خودڪشيءَ ڏانھن ڌڪي رھيا آھن. ھو ان مان آخري منافعو ڪمائڻ جي عمل ۾ رڌل آھن. ڪجھه سال اڳ ھڪ ھاليووڊ فلم ٺھي ھئي، آئس 2020. ان ۾ ھالو نالي ھڪ تيل ڪمپني اينٽارڪٽڪ جي برفاني سمنڊ ۾ گہرا کوهه کوٽڻ جو جيئن ئي منصوبو ٺاھيندي آھي ته ماحولياتي ماھر ھنن کي اھو ٻڌائيندا آھن ته اينٽارڪٽڪ جي اندرين سطح ۾ گرمي پد ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. جيڪڏھن ان ۾ ڪا به گهري کوٽائي ڪئي وئي ته ان جو گرمي پد وڏو ڀونچال آڻي سگهي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ اتر امريڪا ۽ يورپ ۾ برفاني دور شروع ٿي ويندو ۽ زندگيءَ نالي ڪا به شيءِ ممڪن نه رھندي. پر سرمائيدار جيڪو ان جو ٺيڪو ڏئي چڪو ھوندو آھي، اھو پنھنجي ضد تي گھري کوٽائي ڪرائي، نه رڳو پنھنجي ملڪ پر ان سميت سڄي دنيا تي برفاني تباھي آڻائي ھٿ پٽيندو آھي.
2017ع ۾ امريڪي اداري نيشنل اڪيڊمي آف سائنس جي ھڪ جريدي ۾ اھو انڪشاف ڪيو ويو ته ھن وقت تائين انساني ھٿ چراند جي ڪري جانورن جا اربين نسل ڌرتيءَ جي گولي تان مڪمل غائب ٿي ويا آھن، جنھن کي ھو “حياتياتي خاتمي” جو نالو ڏين ٿا. 2020ع ۾ عالمي اداري، رائٽرز پاران ماحولياتي تباھيءَ جي باري ۾ ھڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي جنھن ۾ گهڻين ڳالھين سان گڏ اھو به ٻڌايو ويو ته اسان وٽ تيز رفتار ٿيندڙ ترقيءَ جي نالي ۾ تباھيءَ کي روڪڻ لاءِ فقط ڇھن مھينن جو وقت آھي، ان کانپوءِ اسان وٽ واپسيءَ جا مڙئي دروازا بند ٿي ويندا ۽ انسان سميت پوري حياتياتي نظام جي خاتمي جو طويل دور شروع ٿي ويندو. ھنن اھو به چيو تہ اسان جي تھذيب جو ٽائيٽينڪ ٻيڙو ھاڻي سمنڊ ۾ موجود برفاني ڇپ جي جڏھن ٽن ڪلوميٽر جي فاصلي تي اچي پھتو آھي ته ان کان پوءِ خطري جي خبر پئي آھي ۽ ھاڻي اسان پنھنجي جھاز کي نه موٽائي سگهون ٿا ۽ نه وري موڙي سگهون ٿا. ساڳي ڳالهھ سوئيڊن ڄائي ارڙھن ورھين جي گريٽا ٿنبرگ به ورجائي رھي آھي ۽ ھن وٽ ڪجهھ سنگين الزام به آھن، جيڪي ھو پنھنجي اڳئين نسل تي ھڻڻ ۾بلڪل حق بجانب آھي، ته سندس گذريل نسل ھٿ سان دنيا کي تباھيءَ جي ڪناري تي بيھاري سندس نسل کان جيئڻ جو بنيادي حق کسي ڇڏيو آھي، جنھن جو ھنن وٽ ڪوبه علاج ڪونھي.

مزي جي ڳالھه اھا آھي ته اھي سڀ سوال اتي ئي اٿڻ شروع ٿيا آھن جتي سرمائيدار دنيا پنھنجي ڪوڙي ترقي ۽ منافعي خوريءَ جو ڄار وڇائڻ مھل ڀاڙيلو دانشورن کان “تاريخ جي خاتمي” جھڙا اصطلاح جوڙائي، سرمائيداريءَ کي ئي دنيا جي مڙني بيمارين جو مسيحا قرار ڏياريو ھو. ھاڻي ان دنيا ۾ ئي ان سرمائيداريءَ جي تباھيءَ جو اصل چھرو نروار ٿيڻ شروع ٿيو آھي. پر اسان جي سماج جھڙا سماج، جتي اسان اڃان ان تاريخي ڏاڪي تي به نه پھتا آھيون، اھڙا سوال اڃان تائين صحيح معنيٰ ۾ اٿي نه سگهيا آھن. ان جو وڏو سبب اھو آھي، ته اولھه اڄ کان ڪو ٽي چار صديون اڳ، صنعتي انقلاب جي نالي ۾ زرعي سماج کي ڊاھي اڳڀرو ٿي چڪو جنھن جي ڪري پيداوار جي ذريعن ۽ اصولن توڙي ان جي نتيجي ۾ جڙندڙ سماجي لاڳاپن ۾ ڏينھن رات جو ڦيرو اچي ويو. جيتوڻيڪ ان سان به ڪو غيرطبقاتي سماج ڪونه اسري سگهيو، غريب غريب ٿيندو ويو ۽ امير امير ٿيندو ويو. پر ڪجھه غلامداراڻي جاگيرداراڻي دور جون منحوس روايتون ضرور ختم ٿيون. ھاڻي اتي ڪير به ڪنھن کان معاشي طور ته امير يا غريب ٿي سگهي ٿو، پر سماجي طور ڪير ڪنھن جو ٻانھو، غلام يا ماتحت ناھي. ان ڏس ۾ اسان اوڀر جون قومون اڃان تائين ان پوين پساھن ۾ پيل جاگيرداراڻي نظام ۾ جي رھيون آھيون، جنھن کي اوس ڊھي ڍير ٿيڻو آھي. پر اسان وٽ اڃا تائين، ھڪڙا ماڻھو ٻين جا سردار آھن. ھنن وٽ اڻکٽ زمينون، جاگيرون، جائيدادون ۽ سائين سائين ڪرڻ وارن پيداگير فورس جا ڪٽڪ موجود آھن، جيڪي پنھنجي وطن، پنھنجي ڌرتيءَ ۽ پنھنجي ماڻھن کي ڪنھن به قسم جو ڪوبه نقصان ڏيڻ کان نه ٿا ڪيٻائين، بلڪه ھو اھڙي قسم جي فرمانبرداريءَ کي پنھنجو اخلاقي فرض سمجهن ٿا. اھو اخلاقي فرض جيڪو پڻ ان جاگيرداراڻي سماج جي پيداوار آھي.
ان سڄي معاملي کي تاريخي تناظر ۾ ڏسجي ته ائين ٿيندو ته ھڪڙيون قومون طويل تاريخ جي ھڪڙن دورن ۽ انھن جي ذريعن مان مڪمل آزاد ٿي ٻين دورن ۾ نه رڳو داخل ٿيون پر پنھنجي ناڪام تجربن جي ڪري ھاڻي اسان کي به سندن ھٿ سان جوڙيل تباھيءَ جي محرڪن وسيلي تباہه ڪرڻ وٺي وڃي رھيون آھن ۽ ٻئي پاسي اھي قومون آھن جن کي اڃان تائين ھزارين سالن جي تاريخي محورن کي ٽوڙڻ جيترو شعور به پلئه ناھي پئجي سگهيو ته اھي پنھنجي دور کان گهڻو اڳتي اسريل، پوسٽ پوسٽ ماڊرن (مابعد از مابعد جديديت) جھڙن بحرانن کي ڪيئن سمجهن؟ پر اتي ئي جڏھن شھيد ناظم جوکيو، جاگيردارن جي پاليل وحشي درندن جي وچ ۾ بيھي، حياتياتي جيوت جي تحفط لاءِ اڪيلي سر جنگ جوٽي، پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ٿو ته، سچ پچ اھا قرباني پنھنجي دور کان تمام گهڻو اڳڀري ۽ پنھنجي آڪار کان تمام گهڻو سگهاري آھي. ان جي سگھه جو اظھار ته سڀني سوشل ميڊيا سميت ميڊيا جي ٻين مڙني وسيلن تي جاگيرداريءَ ۽ سرداري نظام خلاف نفرت جي اظھار طور ڏٺوسين. پر اھو ان عمل جو فقط سطحي اظھار آھي. اصل حقيقت اھا آھي ته شھيد ناظم جوکيي جو اھڙو قدم پنھنجي دور کان ٻه صديون اڳتي (جيڪڏھن واقعي به ٻن صدين جو امڪان موجود آھي) ڏنل وڏو ڇال آھي، ڇو ته مٿي بيان ڪيل رپورٽن ۾ ٻڌايل حياتياتي تباھيءَ کي دنيا ۾ اڃان ڪٿي به ايترو سنجيدگيءَ سان ناھي ورتو ويو ته انسان پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪري تلور پکيءَ جي نسل ڪشيءَ جي خلاف مزاحمت جي شروعات ھجي. ان ڪري، اھو قدم، ھڪ پاسي، ھزارين سالن کان ھلندڙ ۽ باقي دنيا کان سراسري ٻه سئو سال پوئتي پيل دنيا ۾ جاگيرداراڻي دور جي گسي ويل نظام جي خلاف به ويڙهه آھي ته ان سان گڏوگڏ، پنھنجي دور کان ٻه سئو سال اڳتي ھلندڙ سماجن کان به آڳاھون ماحولياتي تباھيءَ جي خلاف ھڪ مزاحمتي قدم آھي، جنھن جو پڙاڏو، ايندڙ نسلن جي ڪتابن ۾ پڙھڻ لاءِ ملندو. پر ڪاش اسان کي وقت ايتري مھلت ڏئي سگهي جو واقعي به گريٽا ٿنبرگ چواڻيءَ اسان جو پويون نسل بچي به سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button