ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اڻپورو سنسار

Editorial-Article- Irshad Leghari


سياست، سماجيات ۽ معيشت جي عالمي ڏيوالپڻي واري هن دور ۾ ڪير آهي جيڪو محبتن کي ياد رکي!؟ سو جيئن پاڻ وٽ اها عام فهم چوڻي مشهور آهي ته:
“ابا! الائي ڪهڙو واءُ وريو آهي، جو جيڏانهن ڏس تيڏانهن گهر گهر کي باھه لڳل آهي”
سو اهڙي گهر گهر باھه واري دور ۾ محبتون پوکڻ، نپائڻ ۽ بچائڻ لاءِ سواءِ آشرم جي ٻيو ڀلا ماڳ مڪان آهي به ته ڪهڙو!؟ تنهن ڪري جڏھن جڏھن به هن آسپاس نفرتن کي محسوس ڪيو تڏھن بس آشرم جو ئي رخ ڪيائين.
ڪلھه شام به هي جيئن ئي آشرم پهتو ته ساڌو انهن اڻ اظهاريل محبتن جي رُسامن ۽ سَرچاءُ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪي محبتون بظاهر زبان سان ته ڪڏهن به اظهارجي نه سگهيون پر پوءِ به جيڪڏهن انهن جا داستان درج ڪجن ته هيستائين انساني تاريخ ۾ اظهاريل محبتن جا جيترا به قصا سامھون اچي چڪا آهن، تن جي ڀيٽ ۾ اڻ اظهاريل محبتن جون ماجرائون مٿي بيهنديون. اهي محبتون جيڪي اڪثر پراڻن ويران مندرن جي گهنٽين مان سمجهي سگهبيون آهن. اهي محبتون جن کي محلاتن جا شمعدان نه پر جهنگ جي باھه بيان ڪري سگهندي آهي. اها سُهائي جنهن لاءِ تيل نه پر رڳن جو رت ٻارڻو پوي سا پڻ اهڙين محبتن جو ثمر سمجهڻ گهرجي.
اهي محبتون جيڪي ڪڏھن به ڪنهن پڄاڻي تي ناهن پهچي سگهنديون، ڇو ته هر دور انهن جو ئي دور هوندو آهي. اهي محبتون ئي عشاق سينن ۾ سوز جو سامان مهيا ڪنديون رهن ٿيون ته جيئن محبوبيت جو کنهبو رنگ قائم رهڻ سان گڏوگڏ مسلسل نکرندو به رهي.
۽ هي جيڪو اڄڪلهه عشق ۽ انقلاب جي سنگم لاءِ نوان نوان سنگي تلاشي رهيو آهي، سو خاموشي سان ساڌو جي رهاڻ ٻڌي رهيو هو ته اوچتو ساڌو کيس مخاطب ٿيندي چيو:
سُهڻا!! توهان سنگت کي ڀلا هو نظم ته وري ٻڌايو، جنهن ۾ انقلاب ۽ اڻ اظهاريل محبتن جي ڄڻ ته هڪ ئي وقت گڏيل عڪاسي ٿيل آهي.
۽ پوءِ هن هي نظم پڙهڻ شروع ڪيو:
ايک وقت تها کہ ميرا
هر شبد “کُن” مثل تها!!
اب وقت هي کہ ميري
هين بي اثر دعائين!!
جيسي مدار بهڻکي
بهڻکي هوئي هوائين!!
تيري دئار لوڻين
ميري ان سُني صدائين!!
اب تک لکها جو مئين ني
اب تک جو گايا مئين ني
تيري ليئي هي تها سب
اب تو بهي نه سني تو
کيونکر گنگنائين!؟
هان پهر بهي اب تلک اِک
اميد و آسرا هي
کہ کهلين گي تم پي جب يي اسرار دوجهان کي
تب آوينگي ياد تم کو
ميري سبهي بلائين!!
هان وه بلائين جن کو
تم سي مئين دور رکهه کر
کس کس طرح پِيا هون
دلِ منتظر کي آهين!!
جهان بهي تو رهي بس
حفظ و امان مين هو
ميري يي راهين مجهه کو
چاهي جهان لي جائين!!
بس ايک بات ياد رکهنا
جب انقلاب آئي
يه بهولنا کبهي نان
کہ سپنون کي اس ڊگر مين
مئين بهي تها تيري بائين..!!
ايئن تنهن شام جي رهاڻ سندس انهي نظم تي ختم ته ٿي پر هن جا اهي سُور ڄڻ ته وري نئين سر جاڳي پيا، جن ۾ هن وٽ هڪ اهڙي سفر جا ڌنڌلا عڪس موجود رهيا آهن جيڪو سفر اڃا تائين پنهنجي ڪنهن وڃايل سِري سبب گڏيل طور شروع ته نه ٿي سگهيو آهي پر هي آهي سو اڪيلي سر ان سفر جون مسلسل منزلون طئي ڪندي ان موڙ جي تلاش ۾ آهي، جنهن موڙ جي حوالي سان ڪڏھن هي سٽون لکيون هئائين:
کاش! يون چلتي کهين
تُو نظر آ جائي
آنکه سي آنکه ملي
اور سمئه تهم جائي!!
سو هي سالن کان ان اميد جي راھه جو مسافر آهي ته ڪٿي نه ڪٿي، ڪنھن راھه جي موڙ تي کيس اهي اکيون ضرور نظرڻيون آهن، جن ۾ سندس جوڳ جو مڪمل اڌ سمايل آهي. اهي اکيون ئي هن جي اکين جو اهو ويرانو ختم ڪري سگهن ٿيون، جيڪو وقت گذرڻ سان مسلسل گهرو ٿيندو پيو وڃي. هاڻ ته اها صورتحال وڃي بيٺي آهي جو هرڪو کيس ڏسي اهو سوال ڪرڻ لڳو آهي ته سندس اکين ۾ هي ريٽو رنگ ڇاجو آهي؟ هاڻ هي زماني کي ڇا ٻڌائي ته هو پنهنجين اکين ۾ ڪهڙي ويراني جا نشان سنڀالي هلي ٿو؟
بهرحال جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن تيئن سندس باري ۾ سموري آشرم اندر اهي سُرٻاٽ وڌندا پيا وڃن ته هاڻ هو ان مقام کي بلڪل ويجهو وڃي پهتو آهي، جتي وڌيڪ لِڪ ممڪن نه هوندي آهي. ۽ سچي ڳالهھ آھي به اها ته هي پڻ ان خيال ۾ آهي ته ڇا واقعي به اها گهڙي اچڻ واري آهي جنهن جي نشاندهي بلها سائين هيئن ڪري ويو آهي ته:
عشق جڏهن پنهنجي تي ايندو آهي تڏهن گلابن جھڙيون معشوق جِندڙيون رڻن ۾ رلايو ڇڏي ۽ سرِبازار عاشقن کي نچايو ڇڏي. ۽ پوءِ اتي اهو سوال بي معنيٰ ٿيو وڃي ته ڪنهن جو ان پنڌ ۾ ڪوئي ڪک به بچي ٿو يا نه!؟
سو هاڻ هن کي به شدت سان اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪا ڳلي کيس سڏي رهي آهي، جنهن ۾ هن کي حجاب جا سمورا پردا چاڪ ڪري، رقص ڪندي ڪندي ڪک پن ٿيڻو آهي. ڇو ته ان کان سواءِ وٽس اظهار لاءِ ٻيو هاڻ ڪوبه رستو نه بچيو آهي.
سو هاڻ هڪ هو پاڻ آهي ۽ ٻيو اها محبوب جي ڳلي، جنهن جي ساءُ توڙي سماءُ جو ڪٿي به ڪو بدل ڪونهي ۽ هن کي اها اميد آهي ته دير سوير ساڻس اهو وجود ضرور ملاقاتي ٿيڻو آهي، جنهن کان سواءِ سمورو سنسار اڻپورو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button