ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪومت ڳالهيون نه عمل ڪري

Editorial

ملڪ هڪ اهڙي دور مان گذري رهيو آهي، جتي سياسي بحران ته بدستور آهي پر کاڌي پيتي جي شين جو بحران به سخت کان سخت ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو اثر عام ماڻهو تي پوي ٿو. ان کانسوا شين جي کوٽ ٿيڻ سبب انهن جا اگهه وڌن ٿا ۽ ماڻهن لا مهانگي اگهه تي شيون خريد ڪرڻ مسئلو ٿي ويندو آهي. پر حڪومت اڄ به مهانگائي کي ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهي. اها اڄوڪي دور جي مهانگائي جو ذميوار اڳوڻي حڪومت کي سمجهي ٿي، جنهن جي دور ۾ کاڌي پيتي جون شيون سستيون هيون. عام ماڻهن جي خريد ڪرڻ واري قوت بهتر هئي پر هاڻ صورتحال اها آهي جو هڪ پاسي ته عام ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي وئي آهي ته ٻئي پاسي وري انهن جي آمدني به واڌ ڪونه پئي ٿي. ظاهر آهي جڏهن سڀ معاشي معاملا آ ايم ايف حوالي هوندا ته ملڪي معيشت ڪهڙي ريت ترقي ڪندي ۽ ڪهڙي ريت اها پاڻڀري ٿي، عوام لا بهتر نتيجا ڏئي سگهندي. هن وقت اها پڪ به نٿي ڏئي سگهجي ته عوام ايندڙ ڏينهن ۾ ڪيتري گهڻي مهانگائي کي منهن ڏيندو. حڪومت ڀلي اهو چوندي رهي ته دنيا ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي پر اها ڳالهه غلط بياني کان سوا ڪجهه به ناهي. تازو ئي ملڪ مان مختلف اسمن جي اسمگلنگ کي روڪڻ لا وزير اعظم بيان جاري ڪيو آهي.
وزيراعطم عمران خان ڪڻڪ، يوريا، کنڊ، اٽو ۽ پيٽرول جي اسملگنگ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ تڪڙا اپا کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انهن اپائن جو مقصد عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ آهي. ضروري شين جي قيمتن ۾ فرق اسملگلنگ جو سبب بڻجي ٿو. اسمگلنگ سان هٿراڌو کوٽ ٿئي ٿي، جنهن سان قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اربع تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ وارن اپائن جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شيخ رشيد، اسد عمر، خسرو بختيار، سيد فخر امام، حماد اظهر، شوڪت ترين، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، چيئرمين ايف بي آر، سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف آ اي ڊالر جي مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني هولڊنگ خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي ته جيئن مال جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ ممڪن ٿي سگهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته غيرقانوني پيٽرول جي اسملگنگ کي روڪڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ خلاف آپريشن ۾ ڪاميابي ملي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسملگنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان ٿئي ٿو. هونئن ته ملڪ مان اسمگل ٿيندڙ شين کي روڪڻ سٺي ڳالهه آهي پر ڇا وزير اعظم انهن مافيائن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ جي قابل آهي. ڇا هو انهن مافيائن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي سزائون ڏياري سگهي ٿو. جيڪڏهن وزير اعظم پنهنجي ڀرپاسي نهاري ته گهڻيون مافيائون ته سندس ئي ڪابينه ۾ نظر اينديون، ڇاڪاڻ ته جڏهن اٽي ۽ کنڊ جو بحران ٿيو هو ته اهي سڀ ماڻهو عمران خان جي ڪابينه مان ظاهر ٿيا پر انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي نتيجي ۾ عوام کي وڌيڪ ڀوڳڻو پيو. ان ڪري زباني طور اهو چئي ڇڏڻ ته ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اپا ورتا ويندا اهو ته بنهه سولو ڪم آهي پر ان جي عملي شڪل ڪهڙي آهي. هن وقت تائين عمران خان پنهنجي ڪابينه جي ماڻهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري سگهيو آهي، جيڪي اهم ترين اسڪينڊلن ۾ ملوث رهيا آهن. جيڪڏهن سڄو زور اپوزيشن کي ديوار سان لڳائڻ لا لڳائڻو آهي ته ان سان عوامي مسئلا حل نه ٿي سگهندا. حڪومت ايتري ته مهانگائي ڪري ڇڏي آهي جو اها مختلف اسمن تي سبسڊي ڏئي تڏهن به پوري نٿي پئي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ مختلف شين جي کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ جيڪي به مافيائون ملوث آهن، انهن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پر هن وقت تائين رڳو اسان اهو ئي ڏٺو آهي ته اجلاس ۾ اهي سڀ شيون بحث هيٺ آنديون وڃن ٿيون ۽ ان کان پو حڪومت کي سڀڪجهه وسري ويندو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رڳو ڳالهيون نه ڪيون وڃن بلڪه عمل به ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button