
پاڪستاني اداڪارا سارا خان نياڻي جي جنم بعد دبئي ۾ گهمڻ جي نيت سان پهچي وئي آهي، جتي هن سياحتي ماڳن تي سير پڻ ڪيو آهي. ميڊيا مطابق سارا خان دبئي مان نياڻي سميت تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو تھ مان ۽ منهنجي نياڻي خوبصورت جڳيهن جو سير ڪندي تمام گهڻو خوش آهيون. ياد رهي تھ سارا خان راڳي فلڪ شبير سان شادي ڪرڻ بعد تازو ئي نياڻي کي جنم ڏنو آهي.