ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي ۽ هڪ وزير جو منطق

ملڪي معيشت جو ڦيٿو ڪيئن پيو هلي، ان کي سمجهڻ لا ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت ڪانهي. بلڪه ان جو اندازو روزمره جي اسمن جي قيمتن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. ان کانسوا اسٽاڪ ايڪسچينج جي لاڙن مان به سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو پر پي ٽي آ حڪومت نڪ جي پڪائي سان نه رڳو انهن حقيقتن کي مڃڻ لا تيار ناهي پر سندس نظر ۾ ملڪ ۾ نه ته مهانگائي آهي ۽ نه ئي عام ماڻهو پريشان آهي. پي ٽي آ حڪومت کي لڳي ٿو ته ملڪ ۾ سڀئي ماڻهو خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن. ميڊيا ۽ ادارا جيڪي انگ اکر پيش ڪن ٿا سي سڀ غلط آهن. ٻه ڏينهن اڳ ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جيڪا حالت نظر آئي آهي، ان کانپو ان صورتحال جو اندازو چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪي معيشت جي ٻيڙي مڪمل طور ٻڏي چڪي آهي.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس اي) تاريخ جي چوٿين وڏي لاٿ جو شڪار ٿي وئي آهي. 100 انڊيڪس 2 هزار کان مٿي پوائنٽون ڪري پيو، جنهن ۾ سيڙپڪارن جا 332 ارب رپيا ٻڏي ويا. مهانگائي ۽ وڌندڙ واپاري خساري سيڙپڪارن کي شيئر وڪڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن مارڪيٽ کي واپار جي شروعات کان وٺي بدترين لاٿ ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ انڊيڪس جي نفسياتي سطح کي ترتيب سان 45 هزار ۽ 44 هزار پوائنٽس تائين پهچايو. لاٿ سبب 93 سيڪڙو حصص جون قيمتون ڪري پيون، جڏهن ته سيڙپڪارن جا 3 کرب، 32 ارب، 26 ڪروڙ، 74 لک 75 هزار 411 روپيا ٻڏي ويا، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري جو لاڙو ناڪاري رهيو. 100 انڊيڪس 2 هزار 134 پوائنٽون گهٽجي 43 هزار 234 تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ انڊيڪس جي گهٽ ۾ گهٽ سطح 43 هزار 89 رهي، بازار ۾ ڪالهه 38 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار 14 ارب روپيا طئي ٿيو آهي. اهڙي صورتحال وفاقي وزير فواد چوڌري جيڪو بيان ڏنو آهي، اهو حيرت جوڳو آهي. سڌ سماَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مهانگائي آهي، ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي پر شين جو استعمال به وڌي رهيو آهي. مهانگائي گهڻي وڌيڪ هوندي ته شين جو استعمال گهٽ ٿئي ٿو پر وڌي رهيو آهي. ڪجهه ڪلاسز آهن جيتري آمدني وڌي شايد مهانگائي سان متاثر ناهن ٿيا. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ هڪ ماڻهو جو ووٽ بئنڪ آهي اهو عمران خان آهي. هن وقت پي ٽي آ کانسوا ڪا ٻي جماعت پاپولر آهي ئي ڪونه، ٽي وي تي روزانو هڪ ئي شي ڏسي ڏسي ماڻهو تنگ ٿي پيا آهن. فواد چوڌري چيو ته عمران خان وزيراعظم آهي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿو مڃي، وزيراعظم وزيرن کي غير ضروري دورن کان روڪي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهي، ڪي پي قيادت چاهي ٿي ته عمران خان ڪي پي ڪي جو دورو ڪري. پنجاب ۾ به مڪاني چونڊن جون تياريون ٿي رهيون آهن. عمران خان کي ووٽ ملي ٿو، سڀ چاهين ٿا هو عوام ۾ وڃي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بلڪل صحيح ڊائريڪشن ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن اي وي ايم تي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جو استعمال نٿو ڪري سگهي ته قانون تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پارليامينت قانون ٺاهي ڇڏيو آهي ته ادارن جو ان تي عمل ڪرڻ اڻٽر آهي.
ڇا فواد چوڌري جي ڳالهين کي ڪوبه عقلمند ماڻهو قبول ڪري سگهي ٿو، جيڪو اهو منطق ڏئي رهيو آهي ته شين جي کپت وڌي آهي ته ان جو مطلب آهي ته مهانگائي کان گهڻا ماڻهو متاثر نه ٿيا آهن. ڪيڏي حيرت جي ڳالهه جي آهي ته ملڪي معيشت ترو وڃي ورتو آهي پر پي ٽي آ وزير چئي رهيو آهي ته سڀ ٺيڪ لڳو پيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته اهو بيان عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. جنهن جي مذمت ڪجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button