ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايڊووڪيٽ عرفان مهر جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڪجهه سوال

Editorial-Abdul Faheem Memon

عبدالفهيم ميمڻ ايڊووڪيٽ

ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو سيڪريٽري قتل ٿي ويو هو. ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ عائشه مسجد بلاڪ 13 وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري عرفان مهر کي پنج گوليون هڻي ٿڏي تي ماري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن چپل پلازه وٽ ڪار نمبر بي جي بي 824 تي ڊرائيونگ سائيڊ کان فائر ڪيا. عرفان علي مهر ڏهن سالن جي پٽ رافع کي صبح جو پوڻي اٺين وڳي اسڪول ڇڏڻ پئي ويو ته پينٽ شرٽ پهريل نوجوان هٿياربندن مٿس حملو ڪيو، کيس يڪدم ويجهي اسپتال دار الصحت پهچايو ويو پر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي سندس ساهن واري تند ٽٽي چڪي هئي. عرفان هڪ سال کان سنڌ بار ڪائونسل جو سيڪريٽري ھو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي ذاتي دشمني سميت مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
جڏهن ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به منظرعام تي اچي ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽرسائيڪل سوار ٻه هٿياربند ڪار جو پيڇو ڪندي نظر اچن ٿا ۽ جوابدار ڪار جي ويجھو پهچن ٿا ته هڪ جوابدار موٽرسائيڪل تان لهي عرفان تي فائرنگ ڪري ٿو. قاتل جو اعتماد ٻڌائي ٿو ته هو ڀاڙي تي آندل قاتل آهي ۽ وڏو ماهر به آهي.
واقعي جي اطلاع تي ڪراچي بار ايسوسي ايشن جو صدر نعيم قريشي سميت سنڌ بار ڪائونسل جا ميمبر ۽ ڪيترائي وڪيل پهچي ويا ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ۽ واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن عرفان علي مهر جي قتل تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.
عرفان علي مهر شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ کاهي مهر جي رهواسي رٽائرڊ اريگيشن ملازم مرحوم خير محمد جو پٽ هو. عرفان پنهنجي ديس، پنهنجي ماڻهن ۽ خاص ڪري پنهنجي شهرين ۽ ڳوٺاڻن جي حوالي سان انتهائي سهڪاري ۽ ساٿاري ٻڌايو وڃي ٿو. هو وس ويندي ڪنهن به سوالي يا ضرورتمند کي خالي نه موٽائيندو هو. ماڻهن جي مدد ڪندو هو، ماڻهن جي ڪم ايندو هو. شايد هو جو پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي سماج لاءِ لاڀائتو ٿيڻ چاهيندو هو. ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان ساهه کڻون ٿا، اتي ڏينهون ڏينهن بنا ڪنهن لالچ جي ڪنهن جي ڪم اچڻ ڪنهن جو درد گهٽائڻ ۽ ڪنهن کي خوشي توڙي سڪون ڏيڻ وارو احساس ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي. عرفان ڪراچيءَ ۾ ڪجھه دوستن سان گڏجي پلاٽن ۽ گاڏين جو ڪاروبار به ڪرڻ لڳو هو.
مقتول جي حياتي وارو واءُ سواءُ هڪ فرد جي خبر چار نه ٿو ٻڌائي پر اهو هڪ مثبت سوچ جو به اطلاع آهي. اها سوچ جيڪا بهتر ۽ مهذب سماج جي عڪاس آهي، ان ڪري هي قتل هڪ فرد جو قتل ناهي نه ئي وري سوڳوار خاندان جو نقصان آهي. اهو قتل ۽ اهو نقصان ان سڄي سماج جو آهي، جنهن سماج ۾ عرفان علي پنهنجي وت ۽ وس آهر وکون کڻي ڏکيءَ ۽ سکيءَ ۾ خلق جي ڪم پئي آيو. واقعي جي قتل جي ايف آ آر ته داخل ٿي ويندي، خون جي روايتي جاچ به ٿيندي پر منهنجو ذاتي خيال آهي ته هن ڪيس ۾ پوري سنڌ فريادي هئڻ کپي ۽ پوري سنڌ جي ساڃاهه هن قتل خلاف عمل جي ميدان ۾ نڪري مهاڏو اٽڪائي. ان ريت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پيرن تي بيٺل سنڌي ماڻهن کي امڪاني خطرن کان به بچائي سگهجي ٿو ۽ قاتلن، سازشين توڙي مافيائن کي به ٻڌائي سگهجي ٿو ته سنڌي ماڻهوءَ جو خون ايترو سستو نه آهي جيترو سستو سمجهي هو وهائيندا آيا آهن يا مستقبل ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي وڌيڪ نقصان جي حوالي سان پڻ رٿون رٿيندا پيا اچن. ڇو ته هنن کان ڪراچيءَ ۾ وقت ۽ حالتن جي جبر ڪري سنڌي ماڻهن جو وڌندڙ انگ توڙي انهن ۾ قومي وارثيءَ جو تيزيءَ سان پيدا ٿيندڙ لاڙو برداشت نه ٿو ٿئي.
ڪراچيءَ ۾ باشعور سنڌين ۾ پنهنجي شهر جي مالڪي ۽ وارثيءَ جو جذبو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سڄي سنڌ جيان هر سال ثقافتي ڏهاڙن ۾ پوري ڪراچي اجرڪ ٽوپي جي رنگن ۽ جيئي سنڌ جي نعرن سان گونجندي آهي ۽ سنڌي قوم ان ڏڻ کي عيد کان به وڌ جذباتي ٿي ملهائيندي آهي. سنڌي قوم جو ايترو جذباتي ٿيڻ ۽ گڏجڻ چڱن ڀلن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيندو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌ فيسٽيول جون گذريل پنجن ڇهن سالن واريون سرگرميون به گهڻن کي توايون ڏيارينديون آيون آهن ۽ هنن کان سنڌين جو ڪراچيءَ ۾ اجتماعي طور گڏجڻ ۽ ڪنهن سرگرميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ هضم نه ٿيندو آهي.
سو جاچ ڪندڙ ڌريون ۽ وقت جا حڪمران اها ڳالھه پنهنجي ڌيان ۾ پڻ رکن ته ڪٿي هي پيش آيل واقعو خوشين واري ماحول کي سوڳ ۾ بدلائڻ واري نيت تحت ته نه ڪرايو ويو آهي، يا ڪٿي هاڻوڪن ڏينهن ۾ عرفان علي جي خون کان پوءِ ٻه چار واقعا ڪرائي وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري سنڌي ماڻهن کي مايوسين ۽ اداسين جي ڌٻڻ ۾ ته نه ڌڪيو ويندو؟
5 ڊسمبر سنڌي ميڊيا پاران سڄي سنڌ ۾ ايڪتا ڏڻ طور ملهايو پيو وڃي. ان ڏهاڙي نه رڳو سڄي سنڌ ۾ پر جتي جتي به سنڌي آباد آهن، انهن ملڪن ۽ صوبن ۾ به ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن. اهي پروگرام اعلانيل ڏينهن کان هفتو ڏيڍ اڳ ئي ترتيب ڏئي شروع ڪيا ويندا آهن ۽ ڏينهن ملهائجي وڃڻ کان پوءِ به هفتو ڏيڍ اهڙيون سرگرميون ٿينديون رهنديون آهن.
سو اهڙي ماحول ۾ سماج جي هڪڙي مڻيادار ماڻهوءَ جو سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ بي درديءَ سان ڏينهن ڏٺي جو ۽ وڏي بي ڊپائيءَ سان ٿي ويل قتل ڇا ٿو ثابت ڪري. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ هاڻ اهڙي صورتحال نه آهي جهڙي ڪيئي ڏهاڪا اڳ حيدرآباد جي پس منظر ۾ شاعر زاهد شيخ هيٺين شعر ۾ چٽي هئي ته:
”راهون رتوڇاڻ ٿيون، سُڃَ شهر سارو
هر هر حيدر چوڪَ تي، نئون سر ڪيڏارو
زاهد ڇو پارو، لٿو نه پنهنجي لوڪ تان”
پر پوءِ به اها حقيقت آهي ته جنهن پاڙي ۾ عرفان علي رهندو هو، اتي هن جي پاڙيسرين جي دلين ۾ به سندس اوچتي قتل تي تڏا وڇائجي ويا آهن. هڪڙو تڏو ته هن جي ڳوٺ ۾ پيل آهي پر سچ پڇو ته جيڪو جيڪو به هن سان مليو هو يا جنهن جنهن به کيس ڏٺو هو، ان جي دل ۾ به ماتم لڳو پيو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ هونئن ئي هر حوالي سان ماحول ڏاڍو اڻ وڻندڙ رهيو آهي يا بڻايو ويو آهي. اهڙي ماحول ۾ جڏهن سالن جي جدوجهد کان پوءِ ڪو ماڻهو مڇي ماني لائق ٿئي ٿو ۽ اوچتو هو بي گناهه ماريو وڃي ٿو ته اهڙيون خبرون ۽ اهڙا واقعا سنڌ جي ٻهراڙين مان ڪراچيءَ ڏانهن روزگار لاءِ وڃڻ جون تياريون ڪندڙن لاءِ به پنهنجي مائٽن ۽ گهر ڀاتين پاران رڪاوٽون بڻجن ٿا.
ائين نه آهي ته عرفان علي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو پهريون مقتول آهي نه ئي وري ڪو آخري. ڪراچيءَ مان ايندي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن هزارين سنڌين جا لاش ڏٺا آهن ۽ خبر نه آهي ته مستقبل ۾ اهو سلسلو اڃان ڪهڙي تسلسل سان جاري رهندو پر هاڻوڪيون حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته اڄ به ٻئي ٽئين ڏينهن يا هفتي ۾ ڪو نه ڪو سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ ۾ قتل ٿئي ٿو.
سو ڳالھه اها آهي ته اسان جي ميڊيا اسان جي ساڃاهه وند ڌرين، سياسي سماجي ۽ انتظامي مشينري کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ان ڳالهھ تي سوچ ويچار ڪرڻو پوندو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جو جيڪو ناحق خون وهندو آيو آهي، ان پويان ڪهڙيون ڪهڙيون حڪمت عمليون ۽ حقيقتون رهنديون آيون آهن. ان حوالي سان سنڌين جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو خاص جائزو وٺڻو پوندو ۽ ان جائزي ۾ اهڙن قتلن سان سنڌ ۽ سنڌين کي پهتل گهڻ رخي نقصان جو به ڪاٿو لڳائڻو پوندو، جيڪا وقت جي ضرورت به آهي ۽ اهڙي سوچ ويچار سان ئي پاڻ پنهنجي ماڻهن جي وارثي ۽ مالڪي به ڪري سگهون ٿا.
حقيقت اها آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان اڄوڪي تائين پيپلز پارٽيءَ تائين جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي روزگار ۽ رهائش لاءِ پيپلز پارٽي سنجيده ۽ وطن دوست ڪردار ادا ڪندي اچي ها ته اڄ ڪراچيءَ جي صورتحال ٻي هجي ها. پر افسوس اهو آهي ته بينظير جي شهادت کانپوءِ ڪو فائدو ته پنهنجي جاءِ تي پر، سنڌين کي زرداري سرڪار سدائين نقصان ئي ڏيندي آئي آهي، نه رڳو پٺتي ڌڪيندي آئي آهي پر ان جي اها هر ممڪن ڪوشش به رهي آهي ته سنڌين کي جيترو ممڪن ٿي سگهي ڪراچيءَ ۾ ”اڇوت” محسوس ڪرائجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button