گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان افسانوي ادب ۾ ننڍي کنڊ وڏا اهم ليکڪ پيدا ڪيا آهن، جن ۾ ارونڌتي را، انيتا ديسائي، ڪرن ديسائي، خوشونت سنگهه، ڪميلا شمسي، محمد حنيف، محسن حامد ۽ جهمپا لهري جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. هڪ عام تصور اهو به آهي ته انگريزي ادب ۾ ننڍي کنڊ جي ليکڪن متاثر ڪندڙ ڪم ڪيو آهي. بنگال ڄائي جهمپا لهري به انگريزي ادب جي حوالي سان ننڍي کنڊ جو هڪ چمڪندڙ تارو آهي. هن جو جنم 1967ع ۾ بنگال ۾ ٿيو. هن کي ڪهاڻين جي ڪتاب “انٽرپريٽر آف ملاڊيز” لا پلٽيزر پرائيز مليو، جيڪو آمريڪا جي ڪجهه وڏن ادبي انعامن مان هڪ آهي. جڏهن ته سندس هڪ ناول سال 2013ع ۾ بوڪر پرائيز لا به شارٽ لسٽ ٿيو هو. دي گارجين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي جهمپا لهري هڪ ڀيري چيو ته هو ٻولي جي حوالي سان سدائين جلاوطني واري احساس هيٺ رهي آهي.
ان کانپو سال 2003ع ۾ سندس پهريون ناول “دي نيم سيڪ” ڇيپو، هي ناول هگٽن مفن پبليشر ڇپرايو ۽ هي ناول لڳ ڀڳ 300 صفحن جو آهي. هن ناول ۾ ليکڪه اشوڪ ۽ آشيما نالي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ بنگالي جوڙي جي ڪهاڻي ٻڌائي آهي، جيڪي اتان جي زندگي جي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اشوڪ ايم آ ٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس زال هڪ روايتي گهريلو عورت آهي جنهن کي بنگالي ريتن رسمن سان چاهه آهي ۽ هو آمريڪا جي مادي پرست سماج ۾ ايڊجسٽ نٿي ٿي سگهي.
آشيما جيئن ئي پيٽ سان ٿئي ٿي ته هو ڪلڪتي ۾ رهندڙ سندس ڏاڏي کي خط لکڻ جو سلسلو شروع ڪري ٿي، انهن خطن جو مقصد اهو آهي ته هن جي ٻار لا سندس ڏاڏي ڪو سٺو بنگالي نالو چونڊي سگهي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻار تي ڪو آمريڪي نالو رکجي وڃي ۽ اڳيان اهو ٻار پنهنجي بنگالي ثقافت کي ئي وساري ويهي. ٻيو اهو ته بنگالي ثقافت ۾ ٻار تي سٺو بنگالي نالو رکڻ اهم حصو آهي. خطن جو اهو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ نيٺ ٻار جي ڄمڻ جو وقت اچي وڃي ٿو، پر ان جو اڃا به ڪو بنگالي نالو نه رکجي سگهيو آهي. آشيما کي پٽ جو اولاد ٿئي ٿو ۽ اسپتال ڇڏڻ کان اڳ فارم تي کين پٽ جو نالو ڄاڻائڻو آهي، ان تي آشيما پريشان ٿي وڃي ٿي جو اڃا تائين سندس ڏاڏي کيس ٻار ڪو نالو نه ٻڌايو آهي. ان تي اشوڪ زال کي صلاح ڏئي ٿو ته پٽ جو آرضي طور نالو مشهور روسي ليکڪ نيڪولائي گوگول جو پٺيون نالو رکجي، گوگول اشوڪ جو پسنديده ليکڪ آهي، ان سان فارم به ڀرجي ويندو.
ٻئي پاسي ٻار جو بنگالي نالو نڪل رکيو وڃي ٿو، جڏهن هو پنجن سالن جو ٿئي ٿو ته کيس نڪل گنگولي جي نالي سان اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو، پر ان هوندي به گوگول نالو هن جي پي لا وڏي اهميت وارو آهي ۽ گهر ۾ هن کي گوگول جي نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو. ٻار کي به گوگول نالي سان انسيت ٿي وڃي ٿي ۽ هو رڳو گوگول سڏڻ تي ئي جواب ڏئي ٿو. ان تي اسڪول جي انتظاميا هن جي ماپي کي نوٽ لکي موڪلي ٿي ته کيس هاڻي اسڪول ۾ نڪل بدران گوگول سڏيو ويندو.
گوگول جڏهن 14 سالن جو ٿئي ٿو ته اوچتو ئي اوچتو کيس پنهنجي نالي کان نفرت ٿيڻ لڳي ٿي. هن جو پي هن سان ويهي کيس ان نالي جي اهميت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر هو جيئن وڏو ٿيڻ لڳي ٿو ان نالي کان سندس نفرت به وڌڻ لڳي ٿي ۽ پنهنجي پي جي مرضي خلاف ڪاليج ۾ وري پنهنجو نالو نڪل گوگول گنگولي لکرائي ٿو. اهڙي ريت نالو مٽائڻ ۽ پي جيان ايم آ ٽي بدران يئل يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ تي هن جي ۽ گهروارن جي وچ ۾ ويڇا وڌندڙ لڳن ٿا. هو بنگالي بدران آمريڪي ٿيڻ گهري ٿو، جڏهن ته هن جا ما پي کيس بنگالي ريتن رسمن جي پاسداري ڪرڻ تي زور ڀريندا رهن ٿا. هو آمريڪي ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا رکڻ شروع ڪري ٿو ۽ جيڪو به هن کي گوگول سڏي ٿو ان کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو.
ڪاليج جي ڊگري وٺڻ کانپو هو ميڪسين نالي ڇوڪري سان شادي ڪري نيو يارڪ ۾ رهڻ لڳي ٿو. پر اتي به سندس نالي کي وٺي هن سان مذاق ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري هو ڊپريشن ۾ رهڻ لڳي ٿو. ٻئي پاسي هن جي ما ميڪسين کي ننهن طور نٿي قبولي.
گوگول جي پي جي مرڻ کانپو ميڪسين سان سندس شادي گهڻو وقت نٿي هلي سگهي ۽ هو کيس طلاق ڏئي ما سان رهڻ لڳي ٿو. سندس ما کيس هڪ بنگالي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جو چئي ٿي.
هن ناول جو مک پلاٽ سڃاڻپ وارو بحران آهي، هي هڪ ڌاريي ملڪ ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ هڪ خاندان جي ڪهاڻي آهي. لهري هن ناول ۾ ڪمال مهارت سان ننڍي کنڊ ۽ آمريڪا جي ثقافتي تضادن کي چٽيو آهي. هن ناول ۾ اهو به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهڙي ريت ننڍڙيون ريتون ۽ رسمون به فرد جي آزادي ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳن ٿيون جو فرد پنهنجي سڃاڻپ ئي وڃايو ڇڏي. ناول ۾ وري وري ليکڪه اهو به ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني کان پهرين خاندان جي اهميت آهي ۽ ٻئي هر ڳالهه ۾خاندان کي ئي ترجيح ڏجي.
هن ناول جي ڪهاڻي ڪمال مهارت سان ٻڌائي وئي آهي، خاص ڪري پٽ ۽ پي جي لاڳاپي کي واضح انداز ۾ چٽيو ويو آهي. جڏهن ۾ پي پاڻ کي پٽ ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ ان جي ڪري ئي پٽ تي پنهنجي پسنديده ليکڪ جو نالو رکي ٿو. ٻئي پاسي پٽ ان ڳالهه وري پنهنجي زندگي جو وڏي ۾ وڏو بار سمجهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ جي ڳولا ۾ لڳل آهي. ناول پڙهندي اهو احساس به ٿئي ٿو ته هي اسان جي ئي ڪهاڻي آهي.
سال 2006ع ۾ هن ناول تي ميرا نئير فلم به ٺاهي، جنهن جي مک ڪردارن ۾ مشهور اداڪار عرفان خان ۽ تبو شامل آهن. جڏهن ته جهمپا لهري جي هن ناول کي ڪيترن ئي نقادن ليکڪه جو ماسٽر پيئس به سڏيو آهي. هي ناول پنهنجي ڳولا، سڃاڻپ جي بحران ۽ خاندان سان محبت واري سدائين جيئري رهندڙ ڪهاڻي جو بهترين نمونو آهي. هن ناول کي ٻين ڪيترن ئي انعامن سان پين-هيمنگوي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.