اڄڪلهه ذومبي واريون گيمون موبائيل تي کيڏيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ اهڙا ذومبيز آهن جيڪي انسانن ۽ جانورن کان مختلف ۽ عجيب نظر اچن ٿا، جيڪي نه سولائي سان مرن ٿا نه ئي انهن کي مارڻ آسان آهي. جيڪڏهن انهن کي ماريو به وڃي ته وري هڪ ذومبي مان الائي ڪيترا ذومبي تيار ٿيو وڃن. تازو ئي سيالڪوٽ واري واقعي کانپو منهنجي ذهن ۾ انهن ماڻهن جو هجوم به انهن ذومبيز جيئن تصور ۾ اچڻ لڳو، ته هڪ انسان کي ڪو ايئن بيدردي سان سرعام ڪيئن اذيتناڪ موت ڏئي سگهي ٿو پر انهن کي انسان چوڻ انسانيت جي نالي تي تهمت کان گهٽ نه هوندو. جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي سيالڪوٽ جي هڪ نجي ڪمپني راجڪو (Rajco Industries) ۾ سريلنڪا سان تعلق رکندڙ پرينٿا ڪمارا جيڪو جنرل مينيجر طور ڪم ڪري رهيو هو، تنهن کي بيدردي سان هزارن جي هجوم ۾ تشدد ڪندي مارڻ کانپو ساڙيو ويو. اتي موجود پوليس جو چوڻ هو ته ماڻهن جي هجوم ۾ تشدد دوران اسان ٿورائي جي ڪري اچي نه سگهياسين، جڏهن ته اهو شخص زنده هو ۽ مارڻ کان ويندي ساڙي لاش جي راک ٿيڻ کان پو ماڻهن جي ڪاوڙ گهٽ ٿيڻ مهل اسان ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪيوسين پوليس جي اهڙي بيانيي تي قانون جي بيحسي کي ۽ ان جي لاچاري کي سمجهي سگهجي ٿو، ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو پوليس کي ڏسي مظلوم کي اتساهه ملڻ گهرجي پر اسان وٽ محافظ خود تماشبين ۾ شمار ٿين ٿا. ڇو ته اسان وٽ قانون نالي ڪجهه آهي به ته ڪتابن تائين، اهڙي واقعي جا ويڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن، جيڪي دنيا کي واضح طور تي پيغام ڏئي رهيا آهن ته هن ملڪ ۾ انسان نه پر ذومبيز پيا رهن.
پاڻ وٽ اقتدار ۾ ويٺل ڌريون انصاف جو راڳ آلاپين ٿيون ته ٻئي طرف وحشت ڦهلائيندڙ قوتون پڻ ساڳيو سُر ڇيڙيندي نظر اچن ٿيون. جنهن کي گستاخي جو نالو ڏئي معصوم بيگناه ماڻهن کي سرعام وحشت واري طريقي سان ماري اُهي قوتون پاڻ وڏي ۾ وڏي توهين ڪن پيون. جڏهن ته رياست جو ڪم هر ڏيهي توڙي پرڏيهي کي تحفظ فراهم ڪرڻ هوندو آهي، پر هتي رياست جون هزارين دعوائون ۽ ان کانپو ڪند ذهنيت رکندڙ ڌرين کي کلي ڇوٽ رياست جي مڪروه چهري کي نروار ڪري چڪي آهي، ڇو ته هن ملڪ اندر نه ته هي پهريون واقعو آهي نه ئي ان کي آخري چئي سگهجي ٿو. هي سيالڪوٽ وارو سانحو هن ملڪ اندر نه نئون آهي نه ئي آساني سان اهڙن اڻوڻندڙ واقعن کي روڪي سگهجي ٿو ڇو ته هتي دشمني ڪڍڻ جو سولو طريقو مذهبي ڪارڊ آهي جنهن کي هٿيار طور آساني سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
پاڪستان جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ جيڪي به ان الزام هيٺ واقعا ٿيا آهن، اهي سڀ جو سڀ آخر غلط ثابت ٿين ٿا يا ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿيا آهن. هلندڙ سال جي شروعات ۾ پنجاب جي ڪنهن نجي بئنڪ مينيجر کي هڪ سيڪيورٽي گارڊ هٿان سرعام مارڻ وارو واقعو هجي ۽ ان کانپو انهي ذهني معذور قاتل کي نعرن جي گونج ۽ گلن جي ورکا سان پوليس اسٽيشن کان ڪورٽ تائين استقبال جي صورت ۾ آڻي جوابدار کي اڃا داد ڏني وڃي ته اهڙا واقعا ختم ٿيڻ بجا اڃا وڌندا يا اڳوڻي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي پنهنجي ئي گارڊ هٿان مارڻ جو واقعو هجي يا پنجاب جي ڪنهن ڪاليج اندر شاگرد طرفان پنهنجي استاد کي سرعام خنجر سان مارڻ واري واقعي کان ويندي آسيه بي بي جي ڪيس تائين، جيڪو الزام ٻه ڏهاڪا انهي عورت کي جيل ۾ سزا ڪاٽڻ باوجود ثابت نه ٿي سگهيو يا بٺي تي ڪم ڪندڙ پنجاب جي مسيحي جوڙي کي اهو چئي زنده ساڙيو ويو ته انهن توهين ڪئي آهي ۽ حقيقتون پو ظاهر ٿين ٿيون ته اهي سڀ جو سڀ واقعا دراصل ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿين ٿا ۽ اسان وٽ پاڻ عوام کي مذهبي چورن ايترو ڏنو وڃي ٿو ته ڪو به ماڻهو اهڙي مسئلي ته پاڻ ئي قانوندان بڻجي پاڻ ئي فيصلو ٻڌائي پاڻ ئي جلاد بڻجي سزا ڏيئي ٿو، ان سموري ماحول ۾ رياست جي لاچاري بيوسي اهڙن ڏوهن جي کلي ڇوٽ آهي.
عدالتن کان پهرين عدالتون ڇو ٿيون لڳن ڇو جو پاڻ رياست هتي مذهبي ڌرين کي طاقتور بڻائي استعمال ڪندي ته اهي طاقتون رياستي نظام کي ڪمزور ڪري ان جي پاڙ کي کوکلو ڪري ڇڏينديون. سيالڪوٽ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي طرفان 300 ملازمتون ۽ ڀتو گهرڻ تان هي واقعو ٿيو آهي. ٻئي طرف ٽي ايل پي جي حق ۾ نعري بازي پڻ ان ڳالهھ جو چٽو ثبوت آهي ته تازو ئي رياست طرفان پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي جي پنجاب ۾ ڪيل هڙتال تي بجا ايڪشن جي انهن سان بار بار ڳالهين ڪرڻ لا منٿون ڪرڻ اهڙين ڌرين کي طاقتور بڻائي اهڙن واقعن جي کلي ڇوٽ سمجهڻ گهرجي. هڪ پابندي مڙهيل تنظيم رياست کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ٿي، ايتري قدر پوليس وارن جي شهادت تي انهن کي سزا ڏيڻ بجا انهن جا ڪيس ختم ڪرڻ دنيا اندر ملڪ جي ساک کي نقصان رسايو آهي.