سنڌ

غربت ۽ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو آهي:اميربخش ڀٽو

نئون ديرو ويجهو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پي ٽي آ اڳواڻ اختيار علي ڀٽو پاران ڏنل آجياڻي ۾ پي ٽي آ جي اڳواڻ امير بخش ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته غربت ۽ مھانگائي سبب غريب عوام جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آھي، ڪرپشن سبب ادارا تباهه ٿي ويا آهن، بدامني ۽ بيروزگاري وڌڻ ڪري حالتون راتو رات ۾ ائين نه ٿيون پر ان ۾ ڪيترائي سال لڳا آھن، انھن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، اھو تڏھن ممڪن بڻجندو جڏھن سٺا ماڻھو اقتدار ۾ ايندا. هن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين جو واقعو سنڌ حڪومت جي ناڪامي آھي، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي پر ھتي شفاف جاچ نٿي ٿئي. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ امن امان جو وڏو مسئلو آهي، شهر گندگي جي ور چڙهيل آهن ڪير به ڌيان ڏيڻ وارو ناهي. ان موقعي تي جاويد ڀٽو، حمت الله ڀٽو، سڪندر ڪلھوڙو، سيد منل شاهه، اختيار علي ڀٽو، اڪبر کوسو ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button