سنڌ

ڳيريلو پريس ڪلب جي اڱڻ تي مچ ڪچهري ۽ صوفياڻي محفل

ڳيريلو پريس ڪلب پاران پريس ڪلب جي اڱڻ تي مچ ڪچهري ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ صوفي فقير عبدالمجيد سيال پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي صوفياڻي ڪلام ڳائي وجد طاري ڪري ڇڏيو. قومي گيتن تي ٽوپي اجرڪ اوڍيل نوجوانن جهمريون هڻي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. صوفياڻي محفل ۾ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، خان محمد ڦلپوٽو، معشوق علي ڦلپوٽو، محمد علي ٻٻر، طارق محمد جتوئي، خالد محمود جتوئي، شفيق احمد منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون، جنهن سڀ کان پهريان ثقافت جي هن ڏينهن جو سڏ ڏيئي سنڌي قومي تي احسان ڪندي پٺتي پوندڙ سنڌي ثقافت کي نئين سر جياري ورتو آهي. هنن چيو ته دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لا ثقافت جو ڏينهن عيد جي ڏينهن کان گهٽ ناهي. هن ڏينهن کي اسان سنڌي عيد جي ڏينهن کان وڌيڪ ڪري ملهايون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button