سنڌ

نوشين ڪاظمي جي خودڪشي نوٽ جي لکت سندس لکڻي سان ملي وئي

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا هاسٽل جي ڪمري نمبر 47 مان ڦاهو لڳل حالت ۾ مليل فورٿ ايئر جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي پهرين فارنزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي، مليل فارنزڪ رپورٽ ۾ نوشين ڪاظمي جي لاش سان گڏ هاسٽل جي ڪمري مان مليل خط جي متن جي لکڻي نوشين ڪاظمي جي ڊائري جي لکڻي سان ميچ ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا پاران نوشين ڪاظمي جي ڪمري مان مليل خط ۽ سندس ڊائري ڪراچي جي فارنزڪ ليب موڪلي وئي هئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن وقت تائين صرف هڪ ئي فارنزڪ رپورٽ ملي سگهي آهي، جنهن مطابق نوشين ڪاظمي جي ڊائري ۽ مليل خط جي لکڻي ساڳئي ئي ٻڌائي وئي آهي. ياد رهي ته 24 نومبر 2021ع تي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو ڦاهو لڳل لاش چانڊڪا هاسٽل جي ڪمري مان مليو هو، جنهن سان گڏ هڪ ڪاغذ پڻ مليو هو، جنهن تي لکيل هو ته مان پنهنجي مرضي سان خودڪشي ڪري رهي آهيان، جنهن ۾ ڪنهن جو به ڪنهن قسم جو ڪو دٻاءُ نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button