پاڪستانپنجاب

سوشل ميڊيا واهپيدارن جي مريم نواز جي ڳايل گيت جي واکاڻ

لاهور: مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي شادي تقريب ۾ گيت ڳائڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. جنيد صفدر جي وليمي جي دعوت 17 ڊسمبر تي لاهور ۾ طئي ٿي آهي ۽ پٽ جي وليمي سبب مريم نواز ڪجهه ڏينهن لاءِ سياسي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن. جنيد صفدر جي شادي تقريبن جي شروعات رائيونڊ ۾ ٿي وئي آهي ۽ شريف خاندان به تقريبن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي جنيد صفدر جي شادي جي تقريب جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مريم نواز گيت ڳائي رهي آهي. وڊيو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته مريم نواز بالي ووڊ فلم “جرم” جو جڳ مشهور گيت “جب ڪوئي بات بگڙ جائي” ڳائي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي مريم نواز جو ڳايل گيت وائرل ٿي ويو آهي ۽ واهپيدارن طرفان ان کي ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button