سنڌ

سنڌ جا ماڻهو انتھاپسندي ۽ جنونيت جي مزاحمت ڪندا:اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ خطري ۾ آهي، سنڌ جي خطرن جو مقابلو علم، تعليم، ڄاڻ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان ٿيندو. جيڪڏھن علم ۽ ٽيڪنالاجي جو رستو نه ورتو ته ھي دنيا ڏاڍي ظالم اٿو. تبديلي چاھي پاڻ کي آسمان جي بلندين تي کڻي وڃي يا زمين تي ڌوڙ ڪري پيرن ۾ چٿي ڇڏي. سنڌيو پاڻ کي تبديل ڪيو چئلينجن سان مقابلي لا، پاڻ کي تبديل ڪيو اڳتي وڌڻ لا، پاڻ کي تبديل ڪيو طاقت بنجڻ لا، عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، پنهنجي سماج ۾ اڌ آبادي ساڍا 3 ڪروڙ عورتون ھيٺ ھونديون ته ڪجھه ڪونه ٿيندو، سنڌ ۾ اقليتون غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ پارسي غير محفوظ ھوندا ته پاڻ ترقي ڪونه ڪري سگھنداسين، ھي جيڪو سيالڪوٽ ۾ ٿيو آهي، ان قسم جو ڪو به واقعو سنڌ ۾ ٿئي تہ مزاحمت ڪجو، سنڌ ۾ ڪنهن به ارڏائي، جنونيت، انتھاپسندي جي وک به کنئي وئي ته سنڌ جا ماڻهو مزاحمت ڪندا. پاڻ اھي سنڌي آھيون جيڪي ھوليون، ڏياريون، ڪرسمس ملھائيندا آھيون، پاڻ کي اھو پيغام ڏيڻو آهي سڄي پاڪستان ۽ دنيا کي ته اسان رواداري ۽ برابري ۾ يقين رکون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button