سنڌ

ڳڙهي ياسين ويجهو نوجوان قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ڳڙهي ياسين ويجهو جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان هٿياربندن شڪارپور ڪورٽ مان حاضري تان موٽندڙ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ھوت خان جعفري جي ٻن ڌرين غلام نبي جعفري ۽ امداد جعفري ۾ پلاٽ مامري تان ھلندڙ پراڻي تڪرار تان اڳواٽ تاڙ ۾ بيٺل ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ھٿياربندن شڪارپور ڪورٽ مان حاضري تان موٽندڙ نوجوان عبدالحئي جعفري مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن ۾ نوجوان سخت زخمي ٿيو. اطلاع تي پوليس ۽ وارثن پھچي زخمي کي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتي زخمن جا سور نه سھندي نوجوان عبدالحئي جعفري فوت ٿي ويو. لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن مقتول جي وارثن عبدالغفور جعفري جي اڳواڻي ۾ نوجوان عبدالحئي جعفري جو لاش لاڙڪاڻو- شڪارپور انڊس ها وي کيرٿر ڪئنال پل تي رکي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ويھي رھيا. ان موقعي تي مقتول جي ڀا امداد علي جعفري، عبدالغفور جعفري ۽ ٻين چيو ته عبدالحئي جعفري شڪارپور مان واپس اچي رھيو ھو ته ڳوٺ قابالو وٽ ڊکڻ ٿاڻي جي اي ايس آ غلام بني جعفري ساٿين سان گڏجي عبدالحئي تي سڌي فائرنگ ڪئي. ھنن چيو ته غلام نبي جعفري ڊکڻ ٿاڻي تي اي ايس آ آھي. ھن سرڪاري ھٿيار سان اسان جو نوجوان قتل ڪيو آھي. ھنن چيو ته ڊي ايس پي شاھجھان شاهھ نوجوان جي قتل ۾ ملوث اي ايس آ جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي. اي ايس آ سميت ٻين جوبدارن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين سليم مغل پهچي ڳالهيون ڪري مقتول عبدالحئي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button