اسلام آبادپاڪستان

پي ڊي ايم جو 23 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن مهانگائي مارچ جو اعلان

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فصل الرحمان ايندڙ سال 23 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن مهانگائي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي وسيلي عوامي حمايت کان محروم جعلي حڪومت وجود ۾ آئي، 23 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن مهانگائي مارچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ جا ماڻهو گڏ ٿي اسلام آباد جي احتجاج ۾ شرڪت ڪندا. صحافي فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته ڇا مهانگائي مارچ آخري رائونڊ هوندو؟ جنهن تي مولانا جواب ڏنو ته تحريڪ ۾ آخري رائونڊ ناهي هوندو، تحريڪ هڪ تسلسل جو نالو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button