سنڌ

قمبر ۾ شاعر شاهنواز کوسو جي گرفتاري خلاف وارثن جو احتجاج

قمبر جي ڳوٺ گل محمد چچو جي رهواسين شاعر شاهنواز کوسو جي آزادي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شار شاهنواز کوسو جي ما اقبال خاتون، سلمى کوسو، جانا خاتون ۽ ٻين چيو ته نوجوان کي بهرام پوليس بنا جواز 17 ڏينهن اڳ گهر مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي آزادي لا پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر نوجوان کي آزاد نٿو ڪيو وڃي. شاهنواز کوسو جي جي گهرواري چيو منهنجي مڙس کي گهران کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان جو ڪنهن تنظيم سان واسطو ناهي جيڪڏهن منهنجي مڙس جو ڪو ڏوهه آهي ته ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هن آ جي، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرائي انصاف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سڀاڻي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button