سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نينگر جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ مراد واهڻ پاڙي جي رهواسين دڙي ٿاڻي تي نينگر جميل بروهي جي قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مائي صائمه خاتون جسڪاڻي پنهنجي ننهرن ڪونج، روبينا جسڪاڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته پاڙي ۾ رهندڙ جميل بروهي جو 27 نومبر تي موٽرسائيڪل تي ون ويلنگ ڪندي روڊ حادثو ٿيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿيو، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو هو، جتي نينگر 4 ڊسمبر تي فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن منهنجي پيرسن مڙس غلام پرور جسڪاڻي، فياض علي جسڪاڻي سميت 3 ڄڻن مٿان نينگر جميل بروهي جو قتل ڪيس داخل ڪرايو، جيڪا ناانصافي آهي. ان کان اڳ جميل بروهي جو وڏو ڀاءُ سمير بروهي 13 آگسٽ تي بيماري وگهي فوت ٿيو هو پر سندس وارثن منهنجي ڌي ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين، پٽن عدالت، نزاڪت ۽ ٻين مٿان دڙي ٿاڻي تي ڪوڙو قتل ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ڪيس ۾ ٻه پٽ چئن مهينن کان جيل ۾ آهن، معاملي بابت پوليس انڪوائري ۾ اسان بي ڏوهي ثابت ٿيا آهيون ۽ ٻنهي واقعن جا ثبوت موجود آهن، ان باوجود فوت ٿيل ٻنهي ڀائرن جا وارث مختلف طريقن سان پريشان ڪري رهيا آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button