سنڌ

اميد آھي ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي:مخدوم جميل الزمان

ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ڀٽ شاهه پهچي پير آف ڀٽ شاهه مرحوم سيد مظھر علي شاهه المعروف سيد نازڻ شاهه جي لاڏاڻي تي درگاهه جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاورحسين شاهه، سيد مريد شاهه، مسرور شاهه، سيد اديب شاهه ۽ ڀا سيد غلام رضا شاهه سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان چيو ته سيد نازڻ سائين بهترين شخصيت جو مالڪ هو، کيس راڄوڻي مسئلا حل ڪرڻ ۾ وڏي مهارت هئي، هن ڀٽ شاهه سميت سموري سنڌ ۾ ڀٽائي جي چاهيندڙن جي هر ممڪن مدد ڪئي. آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ گهڻا اختيار آھن، جيڪڏهن وفاق چاهي ته سنڌ سميت پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان مان غربت ختم ڪري ترقي ڏياري سگهي ٿي. مونکي اميد آھي ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي. هن چيو ته ميڊيا ۾ اشو هلي رهيو آھي ته پاڪستان عالمي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آھي، پاڪستان ۾ افسوسناڪ واقعا وڌي رهيا آھن. سيالڪوٽ ۾ جيڪو تازو واقعو ٿيو ان سان پاڪستان جي ساک تمام گهڻي متاثر ٿي آھي. اسان چاهيون ٿا ته عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک بحال ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button