سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گسٽا جو جيل ڪاٽيندڙ استاد جي آزادي لائي احتجاج

گسٽا تعلقي لاڙڪاڻي پاران ڪرپشن ڪيس ۾ جيل ڪاٽيندڙ سينئر استاد سجاد حسين جعفري جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي تعلقي صدر عبدالصمد کوکر، حاجي خان جانوري، جميل احمد ميمڻ، سيف الله هليو، گل محمد کهاوڙ، نظر محمد مغيري، جواد جعفري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گورنمينٽ سينٽ خوزف هاءِ اسڪول جي ايڇ ايس ٽي استاد سجاد حسين جعفري کي هڪ مهينو اڳ اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽر عبدالستار چانڊيو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ بعد جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جنهن خلاف گسٽا پاران مسلسل احتجاج ڪيو ويو پر افسوس جو سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪو نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي اڄ روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽر کي هٽائي ايماندار ماڻهو کي مقرر ڪري استاد مٿان داخل ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button