سنڌ

حيسڪو چيف جي سيٽ تان تڪرار،ريحان حامد کي چارج نه ملي

حيدرآباد ۾ حيسڪو چيف جي پوسٽ تان ٻن ڪامورن ۾ تڪرار تيز ٿي ويو. عدالت جي حڪم تي بحال ڪيل اڳوڻي سي او حيسڪو ريحان حامد کي چارج نه ڏني وئي. ڪالهه حيسڪو جي گارڊن کيس مک گيٽ تي روڪي ورتو. خبر موجب حيدرآباد ۾ اڳوڻو حيسڪو چيف ريحان حامد ڌي جي شادي جي موڪل لا ڪئنڊا ويو ته پٺيان وفاقي حڪومت نور احمد سومرو کي نئون حيسڪو چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد هٽايل حيسڪو چيف پوسٽ جي بحالي لا ها ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪندي حيسڪو چيف جي مقرري کي چئيلينج ڪيو. ان ڏس ۾ عدالت کيس بحال ڪندي نئين حيسڪو چيف جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏنو. ڪالهه هٽايل حيسڪو چيف ريحان حامد عدالت جو اسٽي آرڊَر کڻي پهتو ته حيسڪو چيف نور احمد سومرو جي هدايت تي سيڪيورٽي عملي اڳوڻي سي او کي گيٽ تي روڪي ورتو، کيس اندر نه ڇڏيو. جتي ريحان حامد دانهيو ته مونکي عدالت بحال ڪيو آهي. ان باوجود پوسٽنگ نه پئي ڏني وڃي. هن چيو ته آئون ڌي جي شادي ۾ 19 ڏينهن جي موڪل تي ڪئندا ويل هئس، جڏهن ته ڄاڻايل پوسٽ تي منهنجو ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ آهي، جنهن تي حيسڪو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button