پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ روشن جوڻيجو جي ڀائيٽي سميت 2 ڄڻا مٽي ما حوالي

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ روڊ حادثي ۾ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جي فوت ٿيل ڀائيٽي ۽ سندس دوست جي ڌار ڌار تدفين ڪئي وئي. ٽنڊوآدم لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ پ پ ايم اين اي روشن جوڻيجو جي ڀائيٽي، گل محمد جوڻيجو جي پٽ ۽ انيل گل جوڻيجو جي ڀا جواد گل جوڻيجو جي تدفين سندس اباڻي قبرستان ساياتن ۾ ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايم اين اي روشن جوڻيجو، اڳوڻي ايم اين اي لياقت مري، شڪيل مري، سڪندر مري، عرفان شورو، محمد حنيف ورياهه، حاجي مٺا خان راهو، راجا آفتاب لغاري ۽ غلام مصطفى مري سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي فوت ٿيل راشد علي عرف وڪيو ورياهه کي اوڏيرو لال لڳ ڳوٺ بچل ورياهه ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته رات دير سان جهول روڊ تي اوور ٽيڪ ڪندي ڪار ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ جواد گل جوڻيجو ۽ سندس دوست راشد علي عرف وڪيو ورياهه فوت ٿي ويا هئا ۽ هڪ ڄڻو رفيق خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت سڌرندڙ آهي. بي سيڪشن پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ ورتي آهي، ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس ٻڌايو ته ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي، فوتي جواد گل جوڻيجو جو تڏو ڳوٺ شاهنواز جوڻيجو ۾ ۽ وڪيو ورياهه جو تڏو ڳوٺ بچل ورياهه ۾ وڇايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button