سنڌ

حيدرآباد ۾ مڙس زال کي ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ جوابدار مڙس پنهنجي زال ٽن ٻارن جي ما کي ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. عورت کي گهرو جهيڙي دوران قتل ڪيو ويو. خبر موجب حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد يونٽ نمبر 8 اڪبري مسجد وٽ جوابدار عمران ڀٽي گهر ۾ ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ٽن ٻارن جي ما ندا ڀٽي کي زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پهچي پهرين ڀٽائي اسپتال بعد حيدرآباد سول اسپتال پهچايو، جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار زال کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار ۽ سندس مقتولا زال وچ جهيڙو ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جنهن دوران عورت کي ڇرين جا وار ڪري مڙس قتل ڪيو آهي، عورت کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. جوابدار لطيف آباد جي نجي اسڪول ۾ پٽيوالي جي ڊيوٽي ڪندو هو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاري لا ڇاپا هنيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button