سنڌ

لاڙڪاڻي ميونسپل ۾ ڊيلي ويجز هيوي مشينري ڊرائيورن جو احتجاج

لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڊيليويجز تي ڪم ڪندڙ هيوي مشينري جي ڊرائيورن چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ملازمن عاشق علي جتوئي، خير محمد عباسي، شاهد حسين لاڙڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 11 سالن کان لاڙڪاڻو ميونسپل ۾ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪريون پيا، شهر جي صفائي لاءِ استعمال ٿيندڙ هيوي مشينري جا ڊرائيور آهيون، هر مهيني 10 هزار پگهار ڏني ويندي آهي، جيڪا گذريل چئن مهينن کان بند ڪئي وئي آهي، پگهارون نه ملڻ سبب گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار مقرر ڪئي آهي، جنهن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، ميونسپل ڪارپوريشن ۾ خالي جايون موجود هجڻ باوجود پڪو نٿو ڪيو وڃي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن پ پ چيئرمين، وڏي وزير، بلديات جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مستقل نوڪري ڏئي رهيل پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button