پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد لڳ ثقافتي رنگن سان جرڪيل تقريب، ملاکڙو

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد جي ڊينگاڻ رستو شهر ڀرسان سيف جي دي لارل اسٽينڊر مڊل اسڪول ۾ “سنڌ ايڪسپريس” جي سڏ تي محمد اسلم قائمخاني ۽ راحيل راجپوت پاران ثقافتي رنگن سان جرڪيل پروقار تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ شاگردن توڙي استادن ثقافتي ويس وڳا پهري شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٽوپيون ۽ اجرڪون پهريل شاگردن سنڌي ڳيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. استادن توڙي شاگردن سنڌي، اردو ۽ انگلش ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي تقريرون ڪري سنڌ جي تهذيب توڙي ثقافت کي اجاگر ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ شاگردن پاران سنڌ جي تهذيب بابت مختلف قسمن جا ماڊل رکيا ويا. تقريب ۾ شاگردن ۾ ملھه جو ملاکڙو به ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button