سنڌ

مٽياري ۾ سرڪل روڊ تي آپريشن،ناجائز اڏاوتون ڊاهي پٽ

مٽياري جي ضلعي انتظاميا سپريم ڪورٽ جي آرڊر کانپو ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضى علي شاهه جي حڪم تي مٽياري جي مين سرڪل روڊ تان ناجائز اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي ۽ ايس ايڇ او مٽياري سيد محبوب شاهه وڏي پوليس نفري ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي اھلڪارن سان گڏجي ٽائون انتظاميه ۽ ڪرينن جي مدد سان شھر ۾ ناجائز اڏاوتن خلاف ڪارروايون ڪندي روڊ جي حدن ۾ ٿيل ناجائز اڏاوتن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ان کان سوا روڊ جي ٻنھي پاسن کان بيٺل ريڙھا، صندل، ڪيبنون ۽ دڪا کڻائي ڇڏيا. متاثر سخت پريشان آهن. ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي چيو ته مٽياري جي سرڪل روڊ جو ڪم جاري آھي، نئون ٺھندڙ سرڪل روڊ پنھنجي پراڻي پوزيشن تي ٺاھيو ويندو، دڪاندارن ۽ شھرين پاران قبضا ڪري جيڪي اڏاوتون ٺاھيون ويون آھن، پھرئين مرحلي ۾ انھن جي خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جا آرڊر آھن ته شھر ۾ ڪٿي به سرڪاري ملڪيتن تي قبضا برداشت نه ڪيا ويندا، جيڪي به سرڪاري ملڪيتن تي قبضا آھن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button