پاڪستانسنڌ

قاسم آباد جي اسڪول ۾ رنگا رنگ تقريب، شاگردن جون جهمريون

حيدرآباد: قاسم آباد جي خانگي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هر طرف سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن جا تجلا نظر آيا. اسپارڪ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ “سنڌ ايڪسپريس” جي سڏ تي رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ استادن، ليڊي ٽيچرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس، ٽوپي ۽ اجرڪ پهري شرڪت ڪئي. تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف سنڌي گيتن تي رقص ڪري ۽ جهمريون هڻي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ تقريرون ڪيون. تقريب کي اسڪول جي ليڊي ٽيچرن ۽ استادن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد پنهنجي نئين نسل کي ڌرتي جي ثقافت ۽ تهذيب جي ڄاڻ ڏيڻ آهي. هر سال جيان هن سال به اسان قومي عيد ملهائي خوشي محسوس ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button