پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۽ آسپاس جي اسڪولن ۾ ثقافتي تقريبون جاري

ڊگھڙي: ڊگهڙي شھر ۽ آسپاس جي مختلف ڳوٺن ۾ ثقافتي تقريبون جاري آهن. لٽل فيئري سنڌي ها اسڪول ۾ تقريب ۾ ٻارن ٽيبلوز، قومي گيت، شاعري ۽ خاڪا پيش ڪيا. تقريب جو مهمان خاص پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر هو. ان موقعي تي تي ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي هزارين سال قديمي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا هر ماڻهو ثقافتي لباس پائي قومي گيتن تي جهومي رهيو آهي. ان موقعي تي پيپلز يوٿ آرگنائزيشن سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اعظم نوحاڻي، اسڪول جو باني موهن لعل ۽ پرنسپال راجيش ڪمار موجود هئا. هوڏانهن گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول اشاعت القران ۾ ڪوٺايل تقريب کي هيڊماسترياڻي حرا لغاري خطاب ڪيو. ڪنگورو شاخ ويجهو غلام حيدر لغاري ايليمينٽري اسڪول ۾ پرنسپال راهو مل ميگهواڙ، تابش لغاري، مومل ڪائنات لغاري ۽ ٻين ثقافتي تقريب کي خطاب ڪري ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. اويئر ايجوڪيشنل سسٽم ۾ پڻ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ثقافتي تقريب ۾ قلندر علي شاهھ ۽ ٻين استادن خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button