ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عدم اعتماد واري رٿ لاءِ تياري شروع

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

گذريل آڪٽوبر جي ڇھين تاريخ کان جيئن ئي آءِ ايس آءِ سربراهه جي بدليءَ جو راولپنڊيءَ مان نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين وزير اعظم عمران خان، سندس وزيرن ۽ مشيرن جي وات مان سندن طوطي وانگر رٽيل ھيءَ جملو نه ٻڌو اٿئون ته حڪومت ۽ فوج ساڳئي صفحي تي آهن. مون کي تاريخ ياد ناهي پر آڪٽوبر جي وچ ڌاري لکيو ھئم ته لڳي ٿو ھنن جي ڪتاب مان اھو صفحو ڦاڙي ڦٽو ڪيو ويو آهي. اھو به لکيم ته جڏهن دلين ۾ ڏار پئجي ويندا آهن ته اھي ڏار ڀرجي نه سگهبا آهن. عمران خان حڪومت کي اڃا گذريل ھفتي پارليامينٽ ۾ وڏي سوڀ ملي آهي جو ھڪڙي ڪلاڪ اندر صدر عارف علويءَ پاران جاري ڪيل 29 قانون منظور ڪرائي ورتائين جيڪو گنيز بُڪ ۾ شامل ڪرڻ جھڙو عالمي رڪارڊ آھي. انھيءَ منظوري کان فقط چار پنج ڏينهن اڳ ۾ سندس اتحادي ڌرين توڙي تحريڪ انصاف جي ئي ڪجهه ميمبرن اسيمبليءَ مان غير حاضر رهي، حڪومت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو بل پاس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. عمران خان کي لوڏو آيو ۽ سمجهي ويو ته مٿس اھا مھرباني ڪنھن ڪئي آهي! ڪنهن جي چوڻ تي ھڪ ئي وقت چوڌري پرويز الاهي جي قائد اعظم مسلم ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ جھانگير ترين جو باغي گروپ ڪيئن same page تي اچي ويا؟ اڃا ان پريشانيءَ ۽ اڻتڻ ۾ ڦاٿل ھو ته کيس اوچتو الھام ٿي ويو ته ايندڙ ھفتي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ته سمورن نافرماني ڪندڙن کي اوھان جو تابعدار بڻائي بل منظور ڪرائي سگھجن؟
مون کي اھا حقيقت لکڻ جي ڪابه گھرج نه آھي ته اھو جنتر منتر ڪيئن ٿيو؟ پڙھندڙ پاڻ سياڻا آهن جيڪي سڀ سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ ڇا پيو وھي واپري. گھڻيون سياسي اڳڪٿيون ۽ راز جون ڳالھيون ڪندڙ وزير داخلا شيخ رشيد پڻ مھيني کن جي ماٺ جو روزو ٽوڙي اڱاري تي اھا ڳالهھ ڪجهه لفظن جي ڦير ڦار سان ورجائي آھي ته حڪومت ۽ ادارا ھڪ پيج تي آھن. ھيءَ جملو به کانئس چوايو ويو آهي ڇو ته اڳي ھو سدائين ڇاتيءَ تي هٿ ھڻي چوندو هو ته حڪومت ۽ فوج ساڳئي صفحي تي آهن. لڳي ٿو ته کيس فوج بدران ادارا ۽ ساڳئي صفحي بجاءِ ھڪ صفحي تي چوڻ جي ھدايت ڪئي ويئي آهي. وزير اعظم عمران خان کي آٿت ڏيڻ خاطر اھو به چيو اٿس ته ھو پنھنجا پنج سال پورا ڪندو. جيڪڏهن پنج سال پورا ڪرڻا ھئس ته لاھور جھڙي پنجاب جي مرڪزي شهر واري ننڍي ڇونڊ ۾ حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جو اميدوار ڇو نه بيھاريائين؟ منهنجي اھا ڄاڻ بلڪل سچ ثابت ٿي ويئي آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پنجاب ۾ آئيندي ٿيندڙ چونڊن ۾ سگھاري ڌر مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ئي آءِ ايس آءِ جو سربراهه بدلايو اٿن.
سگھاري ڌر تي عالمي برادري طرفان به وڏو پريشر ان وقت کان وڌي ويو آهي، جڏهن کان سيالڪوٽ واري ڪارخاني ۾ بيدرديءَ سان ساڙي ماريل سري لنڪا جي مئنيجر کي انتھاپسندن کان بچائڻ ۾ پنجاب حڪومت ۽ ٻيا ادارا ناڪام ٿيا آهن. اليڪشن کٽيدڙ مسلم ليگ جي جلاوطن ليڊر ميان نواز شريف سان سندس ڀاءُ شھباز شريف ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ زبير عمر معرفت ۽ ھاڻي لنڊن پھتل تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ جھانگير ترين معرفت پرچڻ شال پنھوار واري وٺ پڪڙ سوڀاري ٿي چڪي آهي، تنهنڪري اينٽي اسٽيبلشمينٽ سوچ رکندڙ مريم نواز کي پاسيرو ڪري شھباز شريف کي اڳڀرو ڪيو ويو آهي جنهن وڏي ڀاءُ کي واڳ ڌڻين کان خاطري ڪرائي آهي ته عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اوھان کي به وطن واپس موٽي اچڻ ۾ ھٿ ونڊائينداسين.
خود نواز شريف به پنهنجي اينٽي اسٽيبلشمينٽ موقف ۾ نرمي ڪئي آهي. مريم جي گرفتاريءَ لاءِ عمران حڪومت جي جلد بازيءَ کي بريڪ لڳائي کيس پندرهن ڏينهن تائين سياسي بيانن بدران گانا ڳائڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. ھيءَ جو نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال کي صدارتي آرڊيننس ذريعي نوڪريءَ ۾ واڌارو ڪرائي کجل خواري ڪئي، ھاڻي وزير اعظم انھيءَ ڳالھه تي ساڻس ناراض ٿي ويو آهي ۽ تڙ تڪڙ ۾ نيب جو ھڪ نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو اٿس. ھنن حالتن ۾ ڪھڙو رٽائرڊ جج يا سينيئر بيوروڪريٽ پنجاب جي سڀني کان وڌيڪَ مقبول سياسي شخصيت مريم نواز شريف سان کؤنس ڪرڻ جي جرئت ڪندو؟
عمران خان کي اھو اندازو ناهي ته سندس فرمانبرداري ڪري چيئرمين نيب پنھنجي ساک کي ڇيهو رسايو آهي ۽ نيب کي پڻ انتقامي ڪارروايون ڪندڙ اداري طور بدنام ڪري ڇڏيو آھي. نيب آفيسرن جي ڪروڙين رپين واري ڪرپشن به ڪونه لڪي سگھي آھي. سمورن باشعور ليکڪن ۽ ٽي وي چئنلز جي سينيئر صحافين جسٽس جاويد اقبال کي صلاح ڏني ته رٽائر ٿي گھر وڃي آرام ڪرڻ ۾ ئي اوهان جي ٿورڙي عزت بچندي پر جنهن اداري ۾ جائز توڙي ناجائز ڪميشن ۽ رشوت عام ٿي وڃي، ان کي لالچي ڪامورو چنبڙيل رهندو آهي. اھڙن ئي خود غرض ماڻهن ملڪ جي ذري گهٽ سمورن شعبن کي برباد ڪيو آهي.
بھرحال مون ذڪر ڪيو پئي شيخ رشيد طرفان ماٺ جو روزو ٽوڙڻ واري ڳالهه جو، جيڪا سومر تي اسلام آباد ۾ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي کان پوءِ به نه ڪري سگهيو. ھيءَ اھڙي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ھئي جنھن جي صدارت وزير اعظم عمران خان ڪئي ۽ ان ۾ فوجي سربراهه به شريڪ ھو. پر ان وقت تائين کيس ڪو سگنل ڪونه مليو ھو. ھيءَ شخص جنرل ضياءُ الحق جي دور کان وٺي واٺو بڻيل آهي. نواز شريف جي ھر حڪومت ۾ وزير ھجڻ کانپوءِ هن جنرل پرويز مشرف جو وزير بڻجي ڏيکاريو جيڪو شريف خاندان جو ويري آهي. اڄ جنرل مشرف جي وڏي دشمن عمران خان جي وزارت ۾ سڀ کان اهم عهدي تي پهچي ويو آهي. سڀاڻي جڏهن عمران سرڪار کي رليءَ ۾ ويڙھي گھر اماڻيندا ته شيخ رشيد نئين ٺھندڙ حڪومت يا نگران حڪومت ۾ ضرور شامل ھوندو. جنھن ڦڙتيءَ سان ھو پارٽيون مٽائي ٿو ۽ جيتري صفائيءَ سان ڪوڙ کي سچ ٺاهي پيش ڪري ٿو، اھڙو بازيگر شخص ئي ھر ھڪ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪارائتو ڀونپو ٿي واڄٽ وڄائي سگھي ٿو. سومر واري گڏجاڻيءَ ۾ ويٺل سمورن حاڪمن جي بدن ٻولي سندن جھڪيل ڪنڌ مان ئي ظاهر ھئي. ڪنھن ھڪ ڄڻي به ڪئميرا سان اکيون نه ملايون. گڏجاڻيءَ کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ سڀني مڃيو ته سري لنڪا جي شھريءَ سان ٿيل دھشتگردي اسان جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آهي. آئيندي اھڙا واقعا برداشت نه ڪنداسين.
عمران خان ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين ساڍا ٽي سال اڳ جڏھن ميان نواز شريف کي چيف جسٽس ثاقب نثار ذريعي نااهل ڪرائي، کيس اقتدار جي ايوانن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مذهبي ڪٽرپڻو پکيڙيندڙ تنظيم جي سرواڻ مرحوم علامه طاهر رضويءَ کان اسلام آباد ۾ جيڪو ڌرڻو هڻايو، اڄ سندن پاليل تاتيل اھا تنظيم عالمي ليڊرن جي نظرن ۾ طالبان کان به وڌيڪ وحشي دھشتگرد ٽولو ثابت ٿي چڪي آهي. پاڪستان جي اصل ڌڻين کي دنيا مان گذريل ڇھن ڏينھن کان جيڪي داٻا مليا آهن، تن سان ھو ويتر وائڙا ٿي ويا آهن. ھڪ ته مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش سان قائم ٿيل مخالف ڌرين جي اتحاد پي ڊي ايم جي جلسن ۾ مريم نواز ۽ سندس پيءُ نواز شريف سگھاري ڌر جي سربراهن جا نالا وٺي مٿن جمھوري سرشتي کي ڊاهڻ جي سازش ڪرڻ جو جيڪو الزام مھينن تائين ورجايو ان کين وائکو ڪري سندن متيون منجهائي ڇڏيون ھيون. مٿان وري سيالڪوٽ واري وحشتناڪ دھشتگردي پاڪستان تي اھڙو ڪارو داغ لڳايو آهي جو ھنن ڌرين جھانگير ترين کان پوءِ پنجاب جي گورنر ڇوڌري سرور کي به لنڊن موڪلي نواز شريف کي جلدي سرچائڻ جو ذمو ڏنو آهي. چوڌري سرور جيتوڻيڪ مسلم ليگ جي گورنري ڇڏي عمران خان جو ساٿ ڏنو ۽ انعام ۾ ٻيھر گورنري مليس. ھتان وڃڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ھن وزيراعظم عمران خان جي آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه کي ننديو ۽ چيائين ته ملڪ کي قرض خاطر گروي رکي ھاڃيڪار فيصلو ڪيو اٿس. لنڊن پھچڻ کانپوءِ اڃا به ڳرا تنقيد جا تير وسائي رهيو آهي.
چوڌري سرور اتي جن مکيه سياسي اڳواڻن سان مليو آهي تن کي صاف لفظن ۾ واڳ ڌڻين جو ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪريو. جنهن کي وڻيو ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو ڇاڪاڻ ته سياست ڪرڻ کان توبهه تائب ٿيڻ جو گڏيل فيصلو ڪري ورتو اٿئون. ھيل عمران خان کي گھر ڀيڙو ڪرڻ کانپوءِ جنرل اسلم بيگ وانگر ڪنھن به سياسي پارٽي يا چونڊيل نمائندي سان ايندڙ اليڪشن ۾ سياسي مامرن تي لفظ به ڪونه ڪڇندا. اھو واضح ڪري ڇڏيان ته ھي شرطون نواز شريف پاڻ ٽي مهينا اڳ لکت ۾ شھباز شريف کي موڪليون ھيون، جن کي مڃڻ سان لاڳاپن ۾ بھتري آئي. نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز فوجي سربراهن جا نالا وٺڻ بند ڪيا ۽ شھباز شريف کي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جو اختيار ملي ويو. شھباز شريف اھا حقيقت بلاول زرداري، مولانا فضل الرحمان توڙي ٻين جماعتن جي اڳواڻن سان رازداريءَ ۾ ونڊي ڇڏي آهي. فضل الرحمان کي چيو ويو آهي ته ھو پي ڊي ايم جو ڌرڻو چار پنج مھينا اڳتي ڌڪي ڇڏي ۽ ھن مارچ 2022ع ۾ ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان وچ ۾ نگران وزير اعظم جي چونڊ ۽ وزارتي ڪابينه ۾ وزيرن جي نالن ۽ صوبائي نگران حڪومتن بابت تحريڪ انصاف کان سواءِ باقي سمورين سياسي جماعتن جي رضامنديءَ سان فيصلا ڪيا ويندا.
تحريڪ انصاف جي حڪومت کي زوريءَ ھٽائڻ بدران ان کان قومي اسيمبليءَ مان اڪثريت کسي ھڪڙو آئيني طريقو ان مقصد سان طئي ڪيو اٿن ته جيئن عوامي مقبوليت وڃائي ويٺل عمران خان زوريءَ لڏائڻ جو فائدو وٺي سياسي شھيد نه بڻجي سگهي. آئون پڪ سمجهان ٿو ته کيس بيشڪ ھونئن ڪڍن يا ھيئن ڪڍن، عمران حڪومت ڊھڻ تي ھن ملڪ ۾ مسڪين ۽ بيروزگاريءَ جا سٽيل ڪروڙين ماڻهو خوشيءَ وچان جشن ملهائيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button