ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني ادارن بابت ترميمي بل جي منظوري جو احوال

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ٻه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن بابت هڪ اهم قانون سازي ٿي آهي. مڪاني ادارن بابت ترميمي بل منظور ڪيو ويو آهي. جنهن خلاف اپوزيشن سخت احتجاج به ڪيو آهي. اڄ ان بل بابت ڪو به رايو ڏيڻ کان سوا سنڌ اسيمبلي ۾ اهو بل ڪيئن منظور ٿيو ۽ ان بل جا بنيادي نقطا ڪهڙا آهن، ان جو احوال ڏجي ٿو.
ڇنڇر 11 ڊسمبر 2021 تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني رولنگ ۾ مڪاني بل گڏيل طور تي منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ترميمي بل جي شقن موجب گادي جي هنڌ ڪراچي سميت سنڌ جي 6 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ٽائون ٺاهيا ويندا. ٽائونز ۽ ميونسپل ڪميٽين جي چيئرمين جي چونڊ شو آف هينڊ ذريعي ٿيندي، مڪاني ڪائونسلن جي چيئرمين جي چونڊ سيڪريٽ بيلٽ سان ڪرائڻ جي شق واپس ورتي وئي. ترميمي بل ۾ بلدياتي ڪائونسلن کي 9 صوبائي کاتن جي معاملن ۾ اختيار ڏنو ويو. سنڌ پوليس جي معاملن ۾ چونڊيل بلدياتي ڪائونسلن کي شامل ڪيو ويو. بل موجب، ايس ايس پي لاڳاپيل بلدياتي چيئرمين سان رابطي جو پابند هوندو، پوليس جي معاملن ۽ امن امان بابت پوليس آفيسر رپورٽ بلدياتي ڪائونسل کي ڏيندا، پراسيڪيوشن، پوليس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪرمنل ڪيسن ۾ بلدياتي نمائندن جو اختيار نه هوندو. ترميمي بل موجب خواجا سرا (کدڙن فقيرن) کي هڪ سيٽ هر بلدياتي اداري ۾ هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ اسپيشل پرسن لاءِ به هڪ سيٽ لازمي هوندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير بلديات ناصر شاهه چيو ته “اسان مخالف ڌر جون سڀ تجويزون مڃيون آهن، ميئر کي بااختيار بڻايو آهي، ميئر واٽر بورڊ جو وائيس چيئرمين ۽ سالڊ ويسٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو.”
جڏهن ته مڪاني ادارن بابت ترميمي بل جي مرحليوار منظوري دوران اپوزيشن پارٽين اسپيڪر ڊائس جي آڏو احتجاج ڪيو، ايجنڊا جون ڪاپيون به ڦاڙيون ويون ۽ بل نامنظور جا نعرا لڳايا ويا. بل جي منظوري دوران ڪيترائي ميمبر هڪ ٻئي سان هٿين به پئجي ويا. صوبائي وزير اويس شاهه ۽ تحريڪ انصاف ايم پي اي بلال غفار ۾ منهن ماري به ٿي، ٻين ميمبرن وچ ۾ پئي جهيڙو ختم ڪرايو. متحده پاڪستان ۽ تحريڪ انصاف سوڌو مخالف ڌر جي پارٽين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو، انهن اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ۽ سنڌ سرڪار خلاف نعريبازي ڪئي. اپوزيشن بل جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون. سنڌ اسميبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جي سخت احتجاج ۽ گورنر جي اعتراض باوجود پيپلز پارٽي مڪاني ادارن جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو.
سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلدياتي بل جي منظوري کان پوءِ ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته “مون کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ منهنجو واسطو هڪ اڻپڙهيل اپوزيشن سان پيو آهي، جنهن کي آئين ۽ قانون سميت ڪنهن شئي جي ڪا خبر ناهي، اها صرف گوڙ ۽ هنگامو ڪرڻ ڄاڻي ٿي، جيڪو ان ترميمي بل جي منظوري وقت پڻ ڪيو.” هن چيو ته “هي بل سنڌ جي عوام جي خواهشن جي مطابق آهي، اسان سنڌ جي عوام جي “مفاد” وٽان فيصلا ڪندا رهنداسين. هي بل 10 ڏينهن ۾ سنڌ ۾ عمل هيٺ اچي ويندو. گهڻو ڏک آهي ته اڄ هتي اجايو گوڙ ڪيو ويو، ايوان ۾ جهڙي ريت لسانيت شروع ڪئي وئي آهي، اها افسوسناڪ آهي، ڪجهه ماڻهو صوبائي اسيمبلي تي قبضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اسان جي لاءِ اها ڳالهه ڪرڻ انتهائي نامناسب آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي اڪثريت آهي، ان کي ڪهڙي ريت قبضو چئي سگهجي ٿو. ڇا توهان اسلام آباد کان اچي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ اسان کي پاڪستان جو حصو سمجهو، اسان کي ڪجهه ٻيو سوچڻ تي مجبور نه ڪريو. سنڌ لاءِ سنڌ جي اقليت نه پر اڪثريت فيصلو ڪندي، توهان ماڻهو اقليت ۾ آهيو ۽ آئنده به اقليت ۾ ئي رهندا. پيپلز پارٽي جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي سنڌ جو عوام ان کي مينڊيٽ ڏيندو آيو آهي ۽ هن وقت تائين ٿيندڙ هر اليڪشن ۾ ان سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.” هن ايم ڪيو ايم جو نالو کڻڻ بنا چيو ته “لسانيت نه پکيڙيو، لسانيت پکيڙيندڙ لنڊن ويٺو آهي، توهان ان کان لاتعلقي جو اظهار ته ڪري ڇڏيو پر ان جي سوچ پنهنجي اندر مان نه ڪڍي سگهيا آهيو، توهان جي دل ۾ سنڌ ۽ ان جي عوام سان محبت ناهي، تنهن ڪري هر دفعي رد ٿي ويندا آهيو. سنڌ سان محبت ڪريو، پاڪستان جا ٿيو، سنڌ سان پيار ڪريو، جيستائين سنڌ سان محبت نه ڪندا، سنڌ وارا رد ڪندا رهندا. اهو چيو ويو ته ناصر شاهه ٻي جڳهه جو آهي ۽ هو هتي جا فيصلا ڪري رهيو آهي، ناصر شاهه سنڌ جو آهي ۽ صوبي جا ئي فيصلا ڪندو. بلدياتي بل ۾ اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، شهرن ۾ ٽائون سسٽم کي بحال ڪيو ويو آهي، ايني پرسن تي اعتراض هو، ٻڌايو ته نعمت الله ۽ نويد جميل ڪير هئا؟ گورنر جي ڪنڊڪٽ کي ڏسو، گورنر بل پاس ڪندڙ اڪثريت تي هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي رهيو هو، جيڪو مناسب ناهي. سڄي سنڌ جي اسپتالن جي مانيٽرنگ لوڪل ڪائونسلن کي ڏئي ڇڏي آهي، هنن بل پڙهيو ئي ناهي، ٻاهر وڃي چوندا ته اسان کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو. سنڌ جي بدقسمتي آهي جو اڻ پڙهيل اپوزيشن اچي وئي آهي، وفاق ۾ به هڪ اڻ پڙهيل جاهل جي حڪومت آهي، مهانگائي جو طوفان آهي، گهرن جون چلهون بند ٿي ويون آهن، هي جيڪو مٿي سليڪٽيڊ جاهل ويٺو آهي، اهو هٿ ٻڌي ۽ ملڪ جي جان ڇڏي. بل ۾ اڃا به ترميمن جي گنجائش ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪو ترميم آڻڻ چاهي ته پرائيويٽ بل آڻي سگهي ٿو، جيڪڏهن حڪومت کي ضرورت پئي ته اها به ترميم آڻيندي.”
سنڌ جي بلديات، رورل ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي اندر ميڊيا ڪارنر تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اپوزيشن جي رويي کي افسوسناڪ ۽ نهايت نامناسب قرار ڏيندي چيو “سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن، وفاقي حڪومت کان وڌيڪ نا اهل ۽ نالائق آهي. اپوزيشن جي ميمبرن جي نالائقي جو هي حال آهي جو پنهنجي پيش ڪيل ترميمن تي اسپيڪر طرفان سڏڻ باوجود پنهنجي ئي پيش ڪيل ترميم تي ڪجهه نه ڳالهايو. سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ٽائيم فريم موجب بلدياتي بل پيش ڪيو ۽ ان کان اڳ آدم شماري تي خدشن جي ڪري بل پيش ڪرڻ ۾ وقت لڳو. ڪراچي واٽر بورڊ ۾ به ميئر کي واضح اختيار ڏنا ويا آهن. سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ۾ به ميئر کي چيئرمين بڻايو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي جي پراپرٽي ٽيڪس جمع ڪرڻ جا اختيار به يونين ڪائونسل کي ڏنا ويا آهن ۽ ان کان علاوه به ميئر ۽ بلدياتي نمائندن کي به بااختيار بڻايو ويو آهي. لنڊن ۽ واشنگٽن جي ميئر جهڙن اختيارن جو مطالبو ڪندڙن کي انهن جي اختيارن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، اهڙا مطالبا ڪندڙ اهڙو نظام پهرين اتي ڇو نٿا آڻين جتي انهن جي حڪومت آهي. سنڌ حڪومت اپوزيشن جي پيش ڪيل 80 سيڪڙو سفارشن تي عمل ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو پهريان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن کي انهن جا پورا اختيار منتقل ڪري ۽ انهن ٻنهي صوبن جي بلدياتي قانونن کي هڪجهڙو ڪري، اها ٻڌائي ته پنجاب ۽ پختونخوا ۾ الڳ الڳ بلدياتي نظام ڇو آهن؟” اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته “اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو آهي پر اپوزيشن ميمبرن شايد ڪڏهن به اسيمبلي جي قائدن ۽ ضابطن کي پڙهڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. اپوزيشن ميمبرن جو ٽريزري بئنچن ۽ اسپيڪر طرف ڪاغذ اڇلائڻ ۽ گاريون ڪڍڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. ماڻهو پنهنجي گهريلو جهيڙن جي فرسٽريشن اسيمبلي اندر نه کڻي اچن.”
حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن هڪٻئي تي سنڌ اسيمبلي ۾ جهيڙي لاءِ اڳرائي ڪرڻ جا الزام هنيا آهن. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته تحريڪ انصاف ايم پي اي بلال غفار سرڪاري بئنچن تي بل اُڇليا ۽ بدتميزي ڪئي، اُن تي حڪومتي ميمبر ڪاوڙ ۾ اچي ويا. هن چيو ته توهان وڌيڪ شاديون ڪريو ۽ گهر ۾ ڪو مسئلو ٿئي ته اسيمبلي ۾ ڪاوڙ نه ڪڍو، اپوزيشن مايوس ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار لڳي رهي آهي، ڪنهن کي به اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪرڻ نه ڏينداسين. هوڏانهن بلال غفار، عارف مصطفيٰ جتوئي، ڪنور نويد جميل ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن چيو ته پ پ ايم پي ايز اڳ ئي جارحاڻي موڊ ۾ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button