ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

لاڙ ۾ پرديسي پکين جي آمد ۽ شڪارين جا وڇايل ڄار

Editorial-Article- Shahid Samo

سنڌ سڄي فطري سونهن سان سرشار آهي پر سنڌ جو اهو خطو جتي درياهه ڇوڙ ڪري ٿو، جنهن ۾ سڳداسي چانور ماکي ۽ مکڻ سميت محبتون پروان چڙهنديون هيون ۽ آهن، ان جي سونهن به سرس آهي. انهي لاڙ کي ڪيترن شاعرن پنهنجي گيتن جو موضوع بنايو، جنهن ۾ علي بابا پنهنجي لفظن ۾ چيو ته “اسين ماڻهو لاڙ جا درياهه جي پاڇاڙ جا واه سرهو ٿو لڳي.” جنهن کي جيجي زرينه بلوچ ڳايو. سنڌ جي دلبرين جهڙي شاعر حسن درس به لاڙ لاءِ اهو چئي ڇڏيو ته “لڳي ويئي لاڙ سان آ لنئون اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون، اسان کي عشق سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڻي ٿو پيو.” اڄ انهي لاڙ ۾ اهي محبتون نه رهيون آهن جن محبتن لاءِ ڪوهن تان هن لاڙ جي خطي ۾ روس جي رياست سائيبريا کان هزارين ميل منزلون طئي ڪري پرديسي پکي موسم جي ٿڌڪاڻ جو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ چار مهينا هتان جي ڍنڍن ڍورن ۾ عارضي آشيانا جوڙيندا آهن.
هنن معصوم پکين جي هر سال نسل ڪشي ٿيڻ ڪري اڳي کان گهڻو تعداد گهٽجندو اچي ۽ اياز جي چواڻي ته “پکي پروڪا اڃان نه آيا اڪير تن جي هري رهي آ” پکي جيڪي اڄ به هن خطي کي محبتي ماڻهن جو ديس سمجهي اچن ٿا پر کين اها خبر نه آهي ته هاڻي لاڙ جي انهن ماڻهن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو سندن ويري ٿي ويا آهن جيڪي سندن آمد کان اڳ ڦاسائڻ لاءِ ڦندا واٽن تي وڇائي ويٺل آهن، کين اها به خبر نه آهي ته سندن تحفظ ڪرڻ واري کاتي جا ماڻهو به لالچن تي وڪامجي ويا آهن، جيڪي رقم وٺي خاموش آهن، جيڪي پنهنجي فرض شناسي ڏيکارڻ لاءِ انهي شڪاري کي پڪڙين ٿا جيڪو سندن کيسو گرم نٿو ڪري، جنهن کي پنهنجي قانوني پورائي ڪرڻ لا پڪڙين ٿا، باقي جيڪي هر مهيني ڏيتي ليتي ڪن ٿا، انهن سان هنن جو دوستاڻو رويو هوندو آهي، جيڪي انهن پکين جو قتلام ڪن ٿا.
کاتي وارن شڪارين سان مختلف ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن پر اوهان معصوم امن محبتن جي پيغامبر پکين کي ڪهڙي خبر ته توهان جي پهچڻ کان اڳ ئي توهان جي جانين جون قيمتون لڳي چڪيون آهن. توهان جي هر نسل جي مارين الڳ الڳ قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ توهان جي خوبصورت نسل جي ڪونج هڪ هزار روپيه، هنجر ڊگوش، نيرڳي 500 کان 600 روپيه. ٿرانڊو، ڌونئري 300 سئو کان 400 سئو. چيغلو ۽ آڙي 150 کان 200 مقرر ڪئي ويئي آهي. توهان جي عارضي آشيانن لاڙ جي پٽي جي ڍنڍن ڍورن ۾ توهان جي آمد اوهان جي ويرين ۾ وڏي سرهائي آڻي ڇڏي آهي.
ٺٽي ضلعي جي ڏاکڻي پٽي جي ڍنڍن ڍورن تي اوهان جي قاتلن پنهنجا ٿاڪ ٺاهي ورتا آهن ۽ اوهان جي ڍنڍن ۾ لهندي بندوقن جي ٺڪائن ۽ ڇيرن سان آجيان ڪئي ويندي ۽ بندوقن ۽ ڄارن کان سواءِ هن وقت هتان جي مارين توهان کي دوکي سان ڦاسائڻ جو نئون طريقو به هٿ ڪري ورتو آهي. توهان معصوم آهيو هن جديد اٽڪلن کي ڪونه ٿا سمجهو، هن وقت سائنس جي ترقي جديد طريقي سان ايم پي ٿري جي ميموري ڪارڊ ۾ توهان جي نسل جي پکين جا آواز رڪاڊ ڪري توهان جا ماري اهو ايم پي ٿري جو آواز کولي انهي کي رڇ جي هڪ ڪاٺ ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا. توهان انهي آواز تي پنهنجي نسل واري پکين جو آواز ٻڌي اتي اچي لهي رڇن ۾ ڦاسي پوندا آهيو، ڇو جو توهان معصوم آهيو.
ٻئي طرف توهان جا ڪيترا پکي بندوقن جي ڌڪ لڳڻ شرط مري وڃن ٿا يا اپاهج ٿي وڃن ٿا. جن پکين ۾ توهان جا ڪيترا پکي نيرڳي، ٿرانڊو، آڙي، چيغلو، ڊگوش، لاکي ڄاڃي، ڪونج، ڪيڻاٺي ۽ هنجر سميت ڪيترا ناياب پکي توهان جي نسل جا آهن، جن جي هن وقت وڏي بي دردي سان نسل ڪشي وڏي عروج تي پهتل آهي پر توهان اهي ڳالهيون نه سمجهي سگهندا. توهان کي شڪاري پڪڙي رات جي پيٽ ۾ ٻين شهرن ڏانهن وڪرو ڪرڻ لاءِ موڪليندا آهن، جنهن ۾ توهان جي وڏن پکين جي شهرين ۾ گهرج گهڻي آهي توهان جي هن وقت انهي ڪري به گهڻي ڊمانڊ آهي جو جو بااثر وڏن ماڻهن جي پٽن جي شادين ۾ توهان جو ناياب گوشت به شادي جو مان مٿانهون ڪري ٿو ڇڏي. ٻئي طرف دعوتن ۽ محفلن ۾ هونئن به توهان جو ذڪر ٿيندو آهي. جڏهن اهڙيون ڳالهيون مون کي سمجهه ۾ نه آيون ته توهان جي شڪاري سان ڪچهري ڪيم، جنهن ٻڌايو ته توهان صحافي سٺا ماڻهو نه آهيو، هرو ڀرو پکين جون خبرون ٿا هلايو، ٿئي به ڪجهه ڪونه ٿو. مون چيو ته توهان پکين کي ڪيئن ٿا پڪڙيو، هن چيو سندس نالو اخبار ۾ نه ڏيڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گيم ۽ پکين جي تحفظ واري کاتي جا اهلڪار پنهنجا يار آهن، جيڪي هر مهيني هزارين روپين تائين ماهوار شڪارين کان منٿلي وٺن ٿا. جيڪو شڪاري منٿلي صحيح نه ٿو ڏئي، انهي کي سوگهو ڪري ڏنڊ هڻي ميڊيا تي آڻي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رڪاڊ جو پورائو ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن مٿان ڪا ٽيم اچڻي هوندي آهي ته منٿلي ڏيڻ وارن شڪارين کي اڳ ۾ آگاهه ڪيو ويندو آهي.
اي پکيئڙئو اوهان انهي ڳالهه کي اڃان به ڪونه سمجهي سگهندو، ڇو جو اوهان معصوم آهيو. اڄ کان ته اوهان جي گوشت جا هميشه هيراڪ دبئي جي عرب شهزادن جا به ٺٽي ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي ۾ رهائش لاءِ سامان کڻي اچن ٿا. جيڪي شهزادا توهان جي شڪار جا وڏا شوقين آهن، انهن شهزادن کي خوش رکڻ لاءِ اوهان جي تحفظ واري کاتي يعني گيم ۽ وائلڊ لائيف کاتي جا اهلڪار به هن وقت پنهنجون خدمتون انهن عرب شهزادن جي آجيان ڪرڻ لا سرانجام ڏيندا رهندا آهن، اهڙن پکين جي نسل ڪشي تي مون کي هتان جي دوستن ۽ توهان سان محبتون ڪندڙ ماڻهن ۽ سماجي ڌرين جي اڳواڻن ٻڌايو ته “پکي امن جا سفير آهن جن جي اهڙي بيدردي سان نسل ڪشي ۾ پکين جي بچا لاءِ جڙيل وائلڊ لائيف گيم کاتي جا اهلڪار شڪارين کان پر ٻاهريون منٿليون وٺي نسل ڪشي ڪرائي رهيا آهن.” هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته ناياب مهمان پکين جي نسل ڪشي جو نوٽيس ورتو وڃي. خدا نه ڪري هي امن جا پيغمبر پرديسي پکي متان هن خطي ۾ اچڻ به ڇڏي ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button