ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناظم جوکيو ۽ سنڌ جو احتجاج

Editorial-Article-Manzoor Kumbhar

سنڌ جو امن ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندو پيو وڃي، جنهن ۾ قتل، جھيڙا، آپگھات ۽ ٻيا حادثا ٿي رهيا آهن. اھي حادثا روز جو معمول ٿيندا پيا وڃن. جديد دور ۾ دنيا بلڪل ھڪ گلوبل ڳوٺ جي روپ ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. مختلف رياستن ۾ الڳ الڳ قسم جا قانون ۽ قاعدا آهن، پر پاڪستان ايشيا جو اھو واحد ملڪ آهي جنهن جو قانون ھتان جا وڏيرا ۽ جاگيردار پاڻ ٺاھي عوام تي وحشياڻو تشدد ڪري عوام جي ذليل ڪري ماريندا آهن.
سنڌ کي سدائين ننڌڻڪو ڪري پوئتي ڌڪيو ويو آهي پر تازو ٿيل ھڪ وڏو مسئلو سنڌ جي سڄاگ ھئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. “سنڌ ڄاگي پئي” ناظم سنڌ جو اھو جوڌو جوان ھو جنهن کي سنڌ سان تـه پيار ھو پر هن سنڌ جي انهن پکين ۽ جهنگلي جانورن خاطر بـه پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي. ھن پنهنجي جوءِ ۾ ڪي ڌاريا ماڻهو ڏسي پڇيو ھو تـه “توھان ڪير آهيو؟ منهنجي ڳوٺ جا گھٽ گھيڙ ڇو بند ڪيا آهن ۽ ھي جيڪي مھمان پکي آهن، انهن کي ڇو ٿا ماريو؟” هن جو ڏوهه رڳو اھو ھو ته ھن انهن عرب شيخن کي پنهنجي شڪار کان واپس خالي ھٿين موڪليو ۽ هن تر جي ان وڏيري ۽ ملير جي ايم پي اي کي للڪاريو جنهن انھن عرب شڪارين کي شڪار ڪرائڻ لاءِ اچڻ تي دلي طور ڀليڪار ڪري سنڌ ۾ ايندڙ پرڏيهي پکين جو شڪار ڪرڻ لاءِ سهولتڪاري ڪئي.
ناظم اھو نوجوان ھو جنهن غيرت ۾ اچي انهن شڪارين کي پنهنجي علائقي مان واپس موٽايو، پر ان سڄي وارتا کان پوءِ کيس دردناڪ موت ڏنو ويو. ناظم جوکيي جي قاتل اھو وڏيري کي سزا ڏيارڻ لاءِ سنڌ ۾ اڄ به نوجوانن جو احتجاج جو سلسلو جاري آهي.
ناظم جوکيي جا اهي جملا يادگار آهن، جيڪي هن پنهنجي ٻارڙيءَ لاءِ چيا هئا. “ھينئر مون کي ڇڏيو مون کي دير پئي ٿئي، منهنجي ننڍڙي مون کانسواءِ ڪانـه سمھندي آهي، باقي صبح ڪنهن بـه مھل فيصلو رکو، آئون حاضر ٿيندس في الحال مون کي ڇڏيو.” پر انهن بي رحم وڏيرن سندس ھڪ بـه نه ٻڌي نيٺ تشدد ڪري ناظم جوکيي کي ماري ڇڏيو. قتل ٿيل ماڻهو جا ھزارين ارمان ھوندا آهن پر اھي ارمان به سندس دفن ٿيڻ سان قبر ۾ هليا ويندا آهن. سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڪيترن ئي لاوارث ماڻهن جيڪي پنهنجن حقن خاطر اھڙي قسم جون مصيبتون برداشت ڪري رھيا آهن، ڪاش انهن جي فطرت به نظام جهڙي ھجي ھا تـه سنڌ جي ڪيترن ئي جوڌن جوانن جا لاش مائرن جي جهولين حوالي نه ٿين ها، پر ناظم جي شھيد ٿيڻ سان اھو واضح ٿي ويو آهي ته سنڌ ۾ اڃا سپوٽ ۽ ھماليـه جيڏي دل، ھمٿ رکندڙ ۽ غيرتمند جوان موجود آهن. موجوده صورتحال ناظم جوکيي جو قاتلاڻو موت جي شڪل ثابت ڪرڻ تي اھو محسوس ٿيو تـه سنڌ اڃا سراپا احتجاج آهي.
ناظم ملير شھر جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ فقير انسان ھو. اڄڪلھه ڏٺو وڃي تـه دنيا بلڪل ڊجيٽلائيز دور ۾ تبديل ٿي چڪي وئي آهي پر سنڌ جي ھر فرد جو دماغ بـه ھڪڙي قسم جو ڊجيٽلائيز دور جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ناظم جي غلطي فقط اھا ھئي جو ھن پنهنجو فرض سمجهندي سنڌ جي ٻيلن ۾ رھندڙ پکين جي دشمنن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، جيئن سنڌين کي خبر پئي تـه سنڌ ۾ ڌاريا داخل ٿي ويا آهن. اھي اسان جي انهن خوبصورت پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ لاءِ ۽ انھيءَ سان گڏ سنڌ جا اھي وڏيرا جيڪي پنهنجن نوجوان ننگن ۽ دنگن جا دشمن جيڪي عياشيون ڪندڙن کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار ڪري سنڌ جي جهنگلي جيوت کي هٿ وٺي تباهه ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي ڪک انھي پيٽ بکايل ٻار جيان ھر ننڍي توڙي وڏي ٿيل مسئلي تي رڙ ڪري ٿي، پر قانون سازي نـه ھئڻ جي ڪري سنڌ کي سدائين ننڌڻڪو ڪري ڪيترن ئي جائز مسئلن کان محروم رکيو ٿو وڃي. جيئن ڪن ملڪن ۾ شڪار تي مڪمل پابندي ته سنڌ ۾ به جيڪڏهن شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ته اسين اهڙن معاملن کان بچي سگهون ٿا ۽ ان کانسواءِ اسين انهن نوجوانن کي به بچائي سگهون ٿا، جيڪي بي گناهه مارجي ويندا آهن. ناظم اهڙو نوجوان هو جيڪو وڪاڻو ڪونه پر هن جيئن ته عرب شڪارين کي پنهنجي شڪار کان واپس خالي ھٿين روانا ڪيو ان ڪري کيس سزا ۾ موت جي ننڊ سمهاريو ويو. هن سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ وڏيرڪي نظام تان شھيد ٿيڻ قبول ڪري ڇڏيو. سنڌ سدائين مظلوميت خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي. ناظم خاطر ھلندڙ ھي احتجاج ۽ ريليون وغيره سڀ ناظم کي انصاف ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن اسين واقعي به ناظم جوکيي جي خون سان انصاف ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي احتجاج جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪو تحرڪ نه هوندو، ان وقت تائين ڪا به ڪاميابي ماڻي نٿي سگهجي.
سڄي پاڪستان ۾ گھڻن ماڻهن جو ڌيان ان مسئلي ڏانهن ڇڪايو آهي، ايتري قدر جو پرڏيھي ملڪن ۾ احتجاج ڪري ھڪ قومي ھيرو جھڙو سوڳ ملهايو ويو. مڃون ٿا ناظم غريب ضرور ھو پر بزدل يا ڪجھه پئسن عيوض وڪامڻ جھڙو ماڻهو نـه ھو. ھن جي دليريءَ جي شاهدي سڄي سنڌ ۽ سنڌي قوم ڏئي سگھي ٿي، ڇو تـه ان نوجوان شھادت ماڻي هڪ نئون مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جا ڀوتار ۽ وڏيرا سنڌ جي ان درد کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا. ان سڄي ماحول ۽ ٿيندڙ ظلم تي آئون امداد حسيني صاحب جون ھي سٽون ھيٺ لکڻ ضروري سمجھان ٿو!
لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي
سنڌ جي لاءِ جيئڻ ايترو سولو به ھجي
سنڌ جي لاءِ مرڻ ايترو سولو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button