سنڌ

ڊکڻ ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان قتل

ڊکڻ ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان قتل ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نبي شاهگه وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان مختيار ۽ صدرالدين گوپانگ جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا صدرالدين گوپانگ، حبدار گوپانگ، رياض علي، مختيار گوپانگ امتياز علي، الطاف ۽ صدام گوپانگ سخت زخمي ٿي پيا، جنهن بعد نبي شاهه ٿاڻي جي پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي صدام گوپانگ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد نبي شاهه پوليس مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا ڳڙھي ياسين اسپتال کڻائي وئي، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اهڙي واقعي بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ٻنهي ڌرين جهيڙي بابت پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر پوليس ديرسان پهچڻ تي رتو ڇاڻ وڌي وئي ۽ هڪ جان ضايع ٿي وئي. رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button