سنڌ

ڪشمور واسي مغوي واپاري بازياب نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ۾ ھندو محلي جو رهواسي اناج جو واپاري چندر لعل 3 هفتا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، مغوي جي بازيابي لاءِ ايس ٽي پي اڳواڻ رفیيق احمد چنا، قومي عوامي تحريڪ جي زبير احمد ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا چوڪ کان ريلي ڪڍي ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته 3 هفتا اڳ چندر لعل پنجاب جي شهر شاهوالي کان واپس اچي رهيو هو ته انڊس هاءِ وي تان هٿياربند اغوا ڪري ويا، جنهن جي هن مهل تائين ڪا خبر نه آهي، مغوي جي بازيابي لاءِ پنجاب پوليس ڪا ڪوشش نه ڪري رهي آهي، سندس گهر ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. هنن ڊي پي او راجن پور کان مطالبو ڪيو ته مغوي چندر کي جلد بازياب ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button